اسلام آباد – 08 فيبروري (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي آءِ پي پي?? سان مفاهمت جي ياداشتن کي معاهدن ۾ تبديل ڪرڻ ۽ 46 آءِ پي پي?? کي ادائيگين بابت عملدرآمد ڪميٽي جي رپورٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، اي سي سي کنڊ جي پي??اوار ۽ وڪري جي عمل جي نگراني لاءِ وڊيو ايناليٽڪس سسٽم (وي اي ايس) لڳائڻ جي سمري جي پڻ منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اج??اس ناڻي واري وزير جي صدارت ۾ ٿيو، اج??اس ۾ وفاقي وزيرن اسد عمر، عمر ايوب خان، وزيراعظم جو صلاحڪار ڊاڪٽر عشرت حسين، اوڳاڙين واري خاص معاون ڊاڪٽر وقار مسعود، پاور واري خاص معاون تابش گوهر، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر رضا باقر، ايف بي آر جي چيئرمين ۽ سيڙپڪاري بورڊ جي چيئرمين اج??اس ۾ شرڪت ڪئي. توانائي واري وزارت جي سيڪريٽري رهتن جي ادائيگي لاءِ طريقيڪار جوڙڻ جي ڏس ۾ ڪميٽي کي عملدرآمد ڪميٽي جي آءِ پي پي?? سان مفاهمت جي دستاويزن کي معاهدن ۾ تبديل ڪرڻ بابت تفصيلي رپورٽ تي بريفنگ ڏني. هن ٻڌايو ته عملدرآمد ڪميٽي رهتون ڪليئر ڪرڻ جي ڏس ۾ 30 نومبر 2020ع تائين 46 آءِ پي پي?? کي ادائيگي جي طريقيڪار تي رضامندي ظاهر ڪئي آهي، اي سي سي عملدرآمد ڪميٽي ۽ لاڳاپيل ماڻهن ۽ وزارتون خاص طور توانائي واري وزير، منصوبابندي واري وزير، پاور واري خاص معاون، ناڻي واري وزارت، فيڊرل لينڊ ڪميشن جي چيئرمين، اوڳاڙين واري خاص معاون ۽ اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر پاران آءِ پي پي?? کي رهتن جي ادائيگي لاءِ عمل جوڳو طريقيڪار جوڙڻ ۾ ڪردار ادا ڪرڻ تي ساراهيو. ان سان انهن پروجيڪٽ جي سراسري عمر تائين پاڪستان جي حڪومت کي 836 روپين جي بچت ٿيندي، اقتصادي ڪميٽي عملدرآمد ڪميٽي جي رپورٽ جي منظوري ڏني ۽ ان کي حتمي منظوري لاءِ ڪابينا آڏو پي?? ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کا جیک پاٹ