ساهيوال – 29 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته فارن فنڊنگ ڪيس کي منطقي انجام تائين پهچائينداسين، بدعنوان عنصر جيڪو مرضي ڪري وٺن اين آر او نه ملندو، چاهيون ٿا ته خبر پوي ته اسامه بن لادن ڪنهن کي پئسا ڏنا هئا. ساهيوال ۾ صحافين سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته سينيٽ اليڪشن ۾ ??ما?? گهڻو پئسو استعمال ڪيو وڃي ٿو، جيڪڏهن ڪو نمائندو ڪروڙين رپيا وٺي پنهنجو ضمير وڪرو ڪري ٿو ته اهو ع??ام جي نمائندگي ڇا ڪندو، ان لا??ِ اسان آئيني ترميمون چاهيون ٿا ته جيئن بيلٽ اوپن ٿئي. اسان گذريل چونڊن ۾ پئسا وٺندڙ ڪارڪنن کي پارٽي مان ڪڍي ڇڏيو. وزيراعظم چيو ته هينئر به سينيٽ اليڪشن جي لاءِ ووٽ جي خريد ۽ وڪري جي حوالي سان سرگرميون جا??ي آهن. سينيٽ پارليامينٽ جو مٿيون ايوان آهي جنهن جو ??ما?? گهڻو تقدس آهي. هن چيو ته اسان وٽ ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت نه آهي پر اسان پوءِ به سينيٽ اليڪشن شفاف بڻائڻ جي لاءِ بل پيش ڪنداسين.
فارن فنڊنگ ڪيس کي منطقي انجام تائين پهچائينداسين: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : ایزٹیک واریر شہزادی