اسلام آباد-21 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٽيڪس چوري
۽ گهٽ ٽيڪس ڏيندڙ شگر ملن خلاف سخت ۽ بنا فرق جي ڪارروائي جي
هدايت ??ند?? چيو آهي ته ايف بي آر جي ڊجيٽائيزيشن لاءِ کنيل قدمن سان قومي
خزاني کي اربين روپين جو فائدو پهچندو، ٽيڪس نه ڏيندڙن کي ٽيڪس نيٽ ۾
آڻڻ جا حڪم ۽ ٽيڪس نه ڏيڻ جي صورت ۾ سخت ڪارروائي ڪئي وڃي،
ٽيڪنالاجي جي استعمال ذريعي ايف بي آر جي ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ
حڪومت جي ??هرين ترجيح آهي. ڪالهه وزيراعظم آفيس جي ??يڊيا ونگ مان
جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت هيٺ محصولن ۾
بهتري لاءِ قدمن جي حوالي سان اهم جائزي اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ وزيراعظم
کي شگر انڊسٽري ۾ وڊيو ايناليٽيڪس لڳائڻ ۽ نگراني تي بريفنگ ڏني وئي.
وزيراعظم چيو ته ٽيڪنالاجي جي استعمال جي ذريعي ايف بي آر جي
ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ حڪومت جي ??هرين ترجيح آهي. وزيراعظم
محصولن جي ??صولي لاءِ جوڙيل حڪمت عملي کي لاڳو ڪ??ڻ جي حوالي سان
سخت قدمن جي ??دايت ??ند?? چيو ته شگر انڊسٽري ۾ وڊيو ايناليٽيڪس لڳائڻ
کانپوءِ محصولن ۾ وصولي ۾ بهتري ايندي. انهن سڌارن سان کنڊ جي ذخيره
اندوزي جو خاتمو ٿيندو ۽ قيمتن ۾ توازن قائم ڪرڻ ۾ مدد ملندي. وزيراعظم چيو
ته اسان جي ڀرپور ڪوشش آهي ته عوام کي سستي اگهه ۾ کنڊ جي ??راهمي
يقيني بڻايون، کنڊ جي اسٽاڪ جي باقاعده نگراني ڪئي وڃي ته جيئن کنڊ
سپلائي چين متاثر نه ٿئي. وزيراعظم ٽيڪس چوري ۽ گهٽ ٽيڪس ڏيندڙن شگر
ملن خلاف بنا ڪنهن فرق جي ڪارروائي جي ??دايت ??ند?? ايف بي آر جي
ڊجيٽائيزيشن لاءِ کنيل قدمن سان قومي خزاني کي اربين روپين جو فائدو پهچندو.
وزيراعظم ايف بي آر ويليو چين جي ??ڪمل ڊجيٽائيزيشن جي ڪم کي جلد کان
جلد مڪمل ڪرڻ جي ??دايت ڪئي. هن ٽيڪس نه ڏيندڙن کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ
جا حڪم ۽ ٽيڪس نه ڏيڻ جي صورت ۾ سخت ڪارروائي جي به هدايت ڪئي.
وزيراعظم سيمنٽ ۽ ٽوبيڪو انڊسٽري کي وڊيو ايناليٽيڪس جو ڪم به جلد کان
جلد مڪمل ڪرڻ جي ??دايت ڪئي. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن واري وفاقي
احمد چيمه، سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، ناڻي واري مملڪتي
وزير علي پرويز ملڪ ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.
ٽيڪس چوري ۽ گهٽ ٽيڪس ڏيندڙ شگر ملن خلاف سخت ۽ بنا فرق جي ڪارروائي ڪئي وڃي: محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : پاکستان لاٹری ٹکٹ