اسلام آباد – 14 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قوم کي رحمت جي برسات جي لاءِ نماز استسقاء ادا ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران ??اري بيان موجب وزيراعظم قوم کي درخواست ڪئي آهي ته اها نماز استسقاء ادا ڪري ۽ الله تعاليٰ کان ??حمت جي برسات جي لاءِ خصوصي دعا گهري وڃي. وزيراعظم عالم سڳورن کي چيو ته اهي خاص طور تي نماز استسقاء جي اهتمام ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن، برسات پوڻ سان ماحول ۾ بهتري ايندي، بيمارين م??ن ڇوٽڪارو ملڻ ۾ وڏي مدد ملي سگهي ٿي. وزيراعظم چيو ته الله تعاليٰ آڏو خصوصي دعائون گهريون وڃن ته جيئن انساني زندگي کي ان ??ڪليف م??ن ڇوٽڪارو ملي سگهي. وزيراعظم چيو ته وفاق ۽ صو??ن جي اهتمام هيٺ سمورين مسجدن ۾ نماز استسقاء جو اهتمام ڪيو وڃي، موجوده صو??تحال رحمت جي برسات جي شديد ضرورت آهي.
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی قانونی حیثیت