اسلام آباد- 05 نومبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب قدرتي آفتن ??ي مُنهن ڏيڻ، موسمياتي تبديلين جي اثرن ۽ ڊگهي مُدي جي بنياد تي آفتن جي تياريءَ ۾ مالي ۽ فني معاونت جي حوالي سان ايشيائي انفراسٽرڪچر انويسٽمينٽ بئنڪ جي ڪردار کي ??ار??هيندي پاڪستان ۾ جاري منصوبن لاءِ فنڊز جي فراهمي جي عمل کي تيز ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو آهي. اهڙو اظهار هن گذريل ڏينهن هتي ايشين انفراسٽرڪچر انويسٽمينٽ بئنڪ جي وفد سان ملاقات دوران ڪيو. وفد جي قيادت بئنڪ جو ڪلائمينٽ ريجن ۽ پراجيڪٽ فنانس گلوبل جو نائب صدر ڪانسٽنٽن لميتو وسڪي ڪري رهيو هو. بئنڪ جي ٽيم ناڻي واري وزير کي پاڪستان ۾ بئنڪ جي پورٽ فوليو ۾ شامل مختلف سيڙپڪاريءَ جي منصوبن بابت بريفنگ ڏني. هن ٻُڌايو ته بئنڪ طرفان پاڪستان ۾ پاڻيءَ مان بجليءَ جي پي??اوار، روڊن ۽ شاهراهن، ??رانسپورٽ جي شعبي، شهري بنيادي ڍانچي جي ترقي، موسمياتي تبديلين جي اثرن جو مقابلو ڪرڻ، وبائي مرضن، تڪراري ۽ موسمياتي تبديليءَ سان ٿيندڙ ٻوڏ جي آفتن ??ي مُنهن ڏيڻ جي منصوبن تي ڪم جاري آهي. ملاقات ۾ جاري منصوبن تي اڳڀرائي ۽ مالي معاونت کي بجلي جي پي??اوار کان وٺي ورهاست جي نظام تائين منتقل ڪرڻ جي ضرورت تي ڳالهه ٻولهه ٿي. اجلاس ۾ ٻُڌايو ويو ته اضافي بجلي پي??ا ڪرڻ جي صلاحيت موجود آهي، جنهن کي ورهاست جي نظام ۾ شامل ڪرڻ جي ضرورت آهي. بئنڪ جي وفد پاڪستان کي اهم شراڪتدار ملڪ قرار ڏيندي پاڪستان جي ترقياتي هدفن ک?? حاصل ڪرڻ ۽ موسمياتي تبديلين بابت چئلينجز تي ضابطو آڻڻ لاءِ بئنڪ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. بئنڪ طرفان ان سلسلي ۾ پاليسي ۽ بجيٽ جي سطح تي معاونت فراهم ڪرڻ جي خاطري به ڪرائي وئي. وفد سان ڳالهائيندي ناڻي واري وزير بئنڪ طرفان پاڪستان ۾ قدرتي آفتن ??ي مُنهن ڏين، ??وسمياتي تبديلين جي اثرن ۽ ڊگهي مُدي جي بنياد تي آفتن جي تياريءَ ۾ مالي ۽ فني معاونت کي ??ار??هيو. هن پاڪستان ۾ بئنڪ جي منصوبن ۾ ٿيل اڳڀرائيءَ تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ جاري منصوبن لاءِ فنڊز جي تيز رفتار فراهميءَ تي زور ڀريو. هن گذريل مهيني واشنگٽن ۾ بئنڪ جي صدر جن ليڪون سان ٿيل ملاقات جو به ذڪر ڪيو ۽ چيو ته ان ملاقات ۾ پاڪستان جي مالي معاونت کي وڌائڻ لاءِ پانڊا بانڊ جاري ڪرڻ جي ڳالهه ٿي جنهن ۾ بئنڪ طرفان جزوي ضمانت ذريعي عملدرآمد جي تجويز پي?? ڪئي وئي ته جيئن مارڪيٽ کي هڪ مضبوط پي??ام ڏئي سگهجي. ملاقات ۾ ترقياتي شراڪتداريءَ کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ ۽ موسمياتي تبديلين جي اثرن جي چئلينجز کي مُنهن ڏيڻ لاءِ قدمن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
قدرتي آفتن ۽ موسمياتي تبديلين کي مُنهن ڏيڻ لاءِ ايشيائي انفراسٽرڪچر انويسٽمينٽ بئنڪ جو ڪردار تعريف جوڳو آهي: وفاقي وزير محمد اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز لاٹری