اسلام آباد – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سعود?? عرب جي 94هين قومي ڏينهن جي موقعي تي سعودي فرمانروا شاهه سلمان بن عبدالعزيز، ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان ۽ سعود?? عرب جي عوام کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان کي سعود?? عرب سان تاريخي ۽ ڀائراڻي لاڳاپن تي فخر آهي. سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ايڪس تي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته خادم الحرمين شر??في?? شاهه سلمان بن عبدالعزيز السعود، ولي عهد ۽ وزيراعظم محمد بن سلمان سان گڏوگڏ سعود?? عرب جي ڀائر عوام کي سعود?? عرب جي 94هين قومي ڏينهن جي خوشي جي موقعي تي دل سان مبارڪباد ڏيان ٿو، پاڪستان کي سعود?? عرب سان پنهنجي تاريخي ۽ ڀائراڻي لاڳاپن تي فخر آهي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن هر مشڪل گهڙيءَ ۾ هڪ ٻئي جو ساٿ ڏنو آهي، اسان سعود?? عرب جي عظيم قيادت جي ويزن تحت مثالي ترقي ۽ مسلمان امت ۽ دنيا ۾ اتحاد، امن ۽ هم آهنگي جي فروغ جي لاءِ ان جي ڪ??دار کي ساراهيون ٿا. الله رب العزت اسان جي سعودي ڀائرن ۽ ڀينرن تي پنهنجون لامحدود رحمتون نازل فرمائي.
وزيراعظم پاران سعودي عرب جي قومي ڏينهن جي موقعي تي سعودي قيادت ۽ عوام کي مبارڪباد
مضمون کا ماخذ : لاٹری آن لائن خریداری