اسلام آباد – 18 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ڀارتي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄ??ون ۽ ڪشمي?? ۾ ??انونساز اسيمبلي جي چونڊن کي واضح طور تي رد ڪندي چيو آهي ته اهي چونڊون ڪشم??ري عوام جي خودمختياري جو نعم البدل نٿيون ٿي سگهن. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اهڙيون چونڊون ڪشم??ري عوام جي لاءِ ناقابل قبول آهن ۽ عالمي برادري کان مطالبو ڪيو ته اها ڀارتي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄ??ون ۽ ڪشمير ۾ جاري انساني حقن جي خلاف ورزين تي مودي حڪومت کي جوابده بڻائي. صدر زور ڏنو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب خودمختياري جي حق جي لاءِ راءِ شماري جي لاءِ ٺوس قدم کنيا وڃن. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر 1989ع کان پاڪستان ۾ رهندڙ پناهگيرن جي وفد سان ڳالهائي رهيو هو. وفد جي قيادت عزيز غزالي ڪري رهيو هو. وفد جي آجيان ڪندي صدر ڀارتي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄ??ون ۽ ڪشمي?? ۾ ??انونساز اسيمبلي جي چونڊن جي مذمت ڪئي ۽ ان کي ڀارت جي وسيع تر حڪمت عملي جو حصو قرار ڏنو جنهن جو مقصد علائقي تي غيرقانوني قبضي کي مضبوط ڪرڻ آهي. هن ان ڳالهه کي اجاگر ڪيو ته اهڙي قسم جا قدم نه ت?? ڀارت جي قبضي کي قانوني حيثيت ڏئي سگهن ٿا ۽ نه ئي ڪشم??ري عوام جي آزادي جي جدوجهد کي دٻائي سگهن ٿا. هن چيو ت?? ڀارت، ڀارتي غيرقانوني قبضي هيـٺ ڄ??ون ۽ ڪشمير جي مسلمانن کي اقليت ۾ بدلائڻ ۽ انهن کي پنهنجي ئي وطن ۾ بي اختيار ڪميونٽي ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. صدر چيو ته پاڪستان ڪشم??ري عوام جي حقن جي لاءِ ڏنل قربانين جو قدر ڪري ٿو ۽ انهن سان يڪجهتي جاري رکندو. هن ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان ڪشم??ري عوام کي انهن جي خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ تائين اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت فراهم ڪندو رهندو. وفد صدر کي ڀارتي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄ??ون ۽ ڪشمي?? ۾ ??ودي حڪومت جي ظلمن کان آگاهه ڪيو ۽ ان ڳالهه تي روشني وڌي ته پوري ڪشم??ري قيادت کي ڪشم??ري عوام جو آواز دٻائڻ جي لاءِ قيد ڪيو ويو آهي. وفد صدر کي آزاد ڄمون ۽ ڪشمي?? ۾ ??ناهگيرن جي مسئلن کان پڻ آگاهه ڪيو. صدر ان ڳالهه تي زور ڏنو ت?? ڀارتي غيرقانوني قبضي هيـٺ ڄ??ون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي قابض فوج جي غيرقانوني قدمن ۽ ظلمن تي احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان پناهگيرن جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۽ انهن جي مسئلن جي حل لاءِ پرعزم آهي. هن وفد کي يقين ڏياريو ته آزاد ڪشمير حڪومت کي چيو ويندو ته اها پناهگيرن جي لاءِ گذاره الائونس ۾ اضافو ڪري ۽ ٻيا امدادي قدم فراهم ڪري. هن يقين ڏياريو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ذريعي پاڪستان 8 هزار پناهگير خاندانن کي سهولت فراهم ڪندو. وفد ڪشم??ري عوام جي لاءِ پاڪستان جي جاري اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت تي صدر جا ٿورا مڃيا. وفد پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زردار جي ڪردار ۽ ڪوششن کي پڻ ساراهيو جنهن پاڪستان جي اڳوڻي پرڏيهي وزير جي حيثيت سان مختلف فورمز تي ڀارتي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄ??ون ۽ ڪشمير جي عوام جي لاءِ ڀرپور حمايت ڪئي.
صدر پاران ڀارتي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ قانونساز اسيمبلي جُون چونڊُون واضح طور تي رد
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا اکومولڈا