اسلام آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ سيد نويد قمر م??اق??ت ڪئي. م??اق??ت ۾ وفاقي حڪومت جي سنڌ صوبي ۾ جاري ترقياتي منصوبن ۽ وفاق ۽ صوبي جي تعاون سان جاري عوامي مفاد جي منصوبن تي اڳڀرائي جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿي. م??اق??ت ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، منصوبابندي وارو وفاقي وزير احسن اقبال، اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير احد خان چيما ۽ مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ پڻ شريڪ هئ??. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وزيراعظم کي سنڌ جي ترقي ۾ خصوصي دلچسپي وٺڻ تي ٿورا مڃيا. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وزيراعظم کي صوبي ۾ جاري توانائي جي منصوبن تي اڳڀرائي ۽ صوبي ۾ امن امان جي صورتحال کان آگاهه ڪيو. م??اق??ت ۾ ملڪي سياسي صورتحال تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.
وزيراعظم سان سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ سيد نويد قمر جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری انعامات