اسلام آباد-21 آگسٽ (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو آهي ته جرمني سپلائي چين ڊيو ڊيليجنس ايڪٽ جهڙن قدمن ذريعي پائيدار ترقي جي هدفن کي حاصل ڪيو آهي. اهڙو اظهار هن ڪالهه جرمني جي اقت??اد?? تعاون ۽ ترقي واري وزير سوينجا شولز سان پنهنجي آفيس ۾ ملاقات دوران ڪيو. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ اقت??اد?? ۽ واپاري لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ تي ڳالهيون ڪيون ويون. واپار واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جي ٽيڪسٽ??ئي?? انڊسٽري جي مصنوعات جو عالمي سطح تي ??لب ۾ اضافو ??يو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ تربيت يافته مزدور موجود آهن. ڄام ڪمال جي ايس پي پلس اسٽيٽس کي حاصل ڪرڻ ۾ جرمني طرفان پاڪستان جي حمايت کي ساراهيو. ملاقات ۾ جرمن وزير شولز ڪيترن ئي ??ها??ن تي ٻڌل جرمني ۽ پاڪستان وچ ۾ پراڻي تاريخي لاڳاپن کي اجاگر ڪيو. هن چيو ته ٽيڪسٽ??ئي?? سميت ٻين شعبن ۾ ڪيتريون ئي جرمن ڪمپنيون پاڪستان ۾ ڪاميابي سان ڪم ڪري رهيون آهن، ٻنهي ملڪن وچ ۾ مضبوط ڪاروباري لاڳاپا قائم آهن. جرمن وزير سمورن شعبن ۾ عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي اهميت تي ??ور ڀريو. ان موقعي تي وفاقي وزير ڄام ڪمال چيو ته عورتن جي ڪردار کي وڌائڻ لاءِ حڪومت پرعزم آهي. ملاقات ۾ نيشنل ڪمپلائنس سينٽر (اين سي سي) تي ??وشني وڌي، ٻنهي وزيرن واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وفاقي وزير جرمن وزير کي واپار واري وزارت ۾ اچڻ تي چادر جو روايتي ??حفو به پيش ڪيو.
واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان سان جرمني جي وزير جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : کڑک