اسلام آباد – 18 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف يورپي يونين سا?? گڏجي ڪم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪندي چيو آهي ته يورپي يونين پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ اهم سڌارن جي لاءِ مشاورت ۽ مهارت فراهم ڪرڻ جي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سا?? پاڪستان ۾ يورپي يونين جي سفير ايمبيسڊر رينا ڪي??نڪا ملاقات ڪئي. وزيراعظم پنهنجي ٻيهر چونڊجڻ تي مبارڪباد جي پيغامن تي يورپي يونين جي اڳواڻن جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم يورپي يونين جي سفير سا?? ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته هو يورپي يونين سا?? گڏجي ڪم ڪرڻ جا خواهشمند آهن. هن چيو ته پاڪستان جا يورپي يونين سا?? دوستاڻا ۽ خوشگوار لاڳاپا آهن. هن ٻنهي طرفن جي وچ ۾ موجوده اداراجاتي حڪمت عملي تي اطمينان جو اظهار ڪي??. وزيراعظم جي ايس پي پلس اسڪيم جي حوالي سا?? پاڪستان جي لاءِ يورپي يونين جي مسلسل حمايت کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ اهم سڌارن جي لاءِ مشاورت ۽ مهارت فراهم ڪرڻ جي لاءِ يورپي يونين اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. يورپي يونين جي سفير وزيراعظم کي ٻنهي طرفن جي وچ ۾ تعاون جي مختلف قدمن بابت آگاهه ڪي?? جن ۾ ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ چرپر جي معاملن ۽ پاڪستان ۾ ڪم ڪندڙ يورپي ڪاروبارن کي سهولت فراهم ڪرڻ شامل آهي. ملاقات ۾ پاڪستان مان يورپي يونين جي ملڪن جي لاءِ اڏامن جي بحالي تي اڳڀرائي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
وزيراعظم پاران يورپي يونين سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا اکومولڈا