اسلام آباد – 01 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ گلگت ب??تستان جي عوام کي گلگت ب??تستان جي آزادي جي جنگ جا 76 سال مڪمل ٿيڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته گلگت ب??تستان جي ماڻهن کي بي مثال قربانين سان آزادي جي نعمت ملي، ??اڪستان حڪومت گلگت ب??تستان ۾ ترقي، امن، خوشحالي ۽ نوجوان نسل جي بهتري لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪندي رهندي، ??ومي يڪجهتي، ??ذهبي هم آهنگي ۽ پرامن گڏيل بقاءَ جي ذريعي دشمن جي ڪڌن مقصدن کي ناڪام بڻائڻو پوندو. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ گلگت ب??تستان جي جنگ جي آزادي جا 76 سال مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته اڄ جو ڏينهن گلگت ب??تستان ۽ پوري پاڪستان جي لاءِ انتهائي اهميت رکندڙ آهي ۽ اس??ن جي تاريخ ۾ هڪ اهم سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو، اڄ کان 76 سال اڳ گلگت بتلستان جي غيرتمند عوام پاڪستان قائم ٿيڻ کانپوءِ ڊوگره راڄ جي خلاف ڪيپٽن مرزا حسن خان ۽ صوبيدار ميجر بابر جهڙن بهادر ۽ جرئتمند اڳواڻن جي قيادت ۾ بنا ڪنهن هٿيارن جي باوجود انتهائي بهادري ۽ دليري جو مظاهرو ڪيو ۽ هندو سامراج جي ڪٺ پتلي گورنر گهنسارا سنگهه کي هٿيار اڇلائڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو ۽ گلگت ب??تستان جي بهادر ماڻهن پاڪستان سان الحاق کي ترجيح ڏني. هن چيو ته گلگت ب??تستان جي آزادي اس??ن جو اثاثو ۽ سرمايو آهي ۽ پنهنجي نوعيت جو منفرد ڪارنامو آهي جنهن جو تاج گلگت ب??تستان جي رهواسين پهرين نومبر 1947ع تي پاڻ پاڪستان جي مٿي تي سجايو ۽ پنهنجي غيرمشروط، بي مثل ۽ والهاڻي محبت سان ثابت ڪري ڇڏيو ته اس??ن پاڪستان جي ترقي ۽ اس??حڪام جي لاءِ ڪنهن به قرباني کان نه ڪيٻائينداسين. اهو ئي سبب آهي جو پورو ملڪ ان علائقي جي حب الوطني جي جذبي کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، انهن جرئتمند ماڻهن سدائين جي لاءِ دشمن کي اهو به باور ڪرائي ڇڏيو ته گلگت ب??تستان پاڪستان جو حصو هو، آهي ۽ انشاءَ الله سدائين رهندو. نگران وزيراعظم چيو ته گلگت ب??تستان جا ماڻهو خوش قسمت آهن جو انهن جي بي مثال قربانين سان آزادي جي نعمت ملي پر افسوس جو ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جا مسلمان اڄ تائين ڀارت جي غاصباڻي چنبي ۾ جڪڙيل آهن. جيتوڻيڪ ڪشمير جي مسئلي جي حل لاءِ گڏيل قومن جون واض?? قراردادون موجود آهن پر ڀارت جي هٺ ڌرمي ۽ عالمي طاقتن جي خاموشي جي ڪري ڪشمير مسئلو اڃا تائين حل نه ٿي سگهيو. هن چيو ته آئون اڄ هڪ ڀيرو ٻيهر ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيـٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي مظلوم عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪريان ٿو. هن چيو ته پاڪستان ڪشميرين جي ڀرپور سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي مدد تيستائين جاري رکندو جيستائين انهن کي گڏيل قومن جي قراردادن موجب خودمختياري جو حق نه ٿو ملي وڃي. نگران وزيراعظم چيو ته اڄ آئون عالمي دنيا کي اهو پيغام ڏيڻ چاهيان ٿو ته اس??ن فلسطين مسئلي ۽ ڪشمير مسئلي تي پرامن حل چاهيون ٿا ۽ قبله اول جي زمين تي اس??ائيل جي جارحيت جي ڀرپور مذمت ڪريون ٿا. انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته سڄي دنيا ان حقيقت کان چڱي ريت واقف آهي ته گلگت ب??تستان بهترين موقعن ۽ امڪانن جي سرزمين آهي، ??درتي ۽ معدني وسيلن ۽ عوام جي بي پناهه صلاحيتن سان گلگت ب??تستان خطي جو اقتصادي ۽ سياحتي مرڪز بڻجڻ جي راهه تي گامزن آهي. هن چيو ته گلگت ب??تستان سميت پوري پاڪستان جي روشن مستقبل جي لاءِ اس??ن سڀني کي اتحاد ۽ ٻڌي جو مظاهرو ڪندي درپيش چئلينجز جو مقابلو ڪرڻو پوندو ۽ قومي يڪجهتي، ??ذهبي هم آهنگي ۽ پرامن گڏيل بقاءَ جي ذريعي دشمن جي ڪڌي مقصدن کي ناڪام بڻائڻو پوندو. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان حڪومت گلگت ب??تستان ۾ ترقي، امن، خوشحالي ۽ نوجوان نسل جي ترقي جي لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪندي رهندي.
قومي يڪجهتي، مذهبي هم آهنگي ۽ پرامن گڏيل بقاءَ جي ذريعي دشمن جي ڪڌن مقصدن کي ناڪام بڻائڻو پوندو: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : prêmios lotofácil