اسلام آباد – 21 – جولاءِ (اي پي پي) ??در ڊاڪٽر عارف علوي خصوصي ماڻهن جي مالي خودمختياري جي لاءِ انهن کي هنرمند بڻائڻ جي ضر??رت تي زور ڏيندي چيو آهي ته معاشري جي منفرد صلاحيتون رکندڙ ماڻهن بابت پنهنجي روين کي بدلائڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن صحت جي عالمي اداري ۽ جان هاپڪنز يونيورسٽي جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو. وفد صحت جي عالمي اداري جي پاڪستان ۾ سربراهه ڊاڪٽر ??ال??ٿا مهي پالا جي قيادت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وفد ??در ۽ خاتون اول جي خصوصي ماڻهن، ڇاتيءَ جي ڪينسر، نفسياتي صحت ۽ صحت جي ٻين مسئلن تي ڪوششن کي ساراهيو. ??در چيو ت?? خصوصي ماڻهن جي بحالي ۽ انهن جي سهولتن لاءِ انهن کي مددگار ٽيڪنالاجي ڏيڻ جي ضر??رت آهي. بحالي ۽ مددگار ٽيڪنالاجي جي خدمتن کي پرائمري ۽ ڪميونٽي سطح تي فراهم ڪرڻ جي لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو. ??در چيو ت?? خصوصي ماڻهن کي اعليٰ معيار، محفوظ ۽ سستي بحالي جي خدمتن ۽ مددگار ٽيڪنالاجي جي فراهمي يقيني بڻائڻ جي ضر??رت آهي. ??در صحت جي عالمي اداري جي بحالي 2030ع منصوبو شروع ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ جان هاپڪنز يونيورسٽي ۽ صحت جي عالمي اداري کي بحالي ليڊرشپ ڪورس ڪرائڻ تي ساراهيو.
معاشري جي منفرد صلاحيتون رکندڙ ماڻهن بابت پنهنجي روين کي بدلائڻو پوندو: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : فنکی پھل