اسلام آباد – 05– اپريل (اي پي پي) پاڪستان ڀارت ۾ مسلمانن جي خلاف پرتشدد واقعن ۾ خطرناڪ حد تائين اضاف?? تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڀارت جي 8 رياستن ۾ رام نومي جي موقع?? تي مسلم مخالف تشدد جا واقعا ٿيا ڇو ته انته??پس??د تنظيمن تهوار ملهائڻ جي لاءِ عوامي ريليون ڪڍيون، ڪيترين ئي مسجدن ۽ مسلمانن جي ملڪ??تي عمارتن تي حملا ڪيا ويا، بيهار رياست جي ضلعي نالنده ۾ هڪ مدرسي کي ساڙيو ويو جنهن جي نتيجي ۾ قرآن پاڪ سميت اٽڪل 4500 ڪتاب سڙي ويا. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته ڀارت ۾ مسلمانن جي خلاف اسلامو فوبڪ ۽ نفرت انگيز ڪاررواين ۾ خوفناڪ اضافو اڪثر??تي هندوتوا جي ايجنڊا جي پيروي ۽ ڀارتي سياست ۾ اسلام ۽ مسلم مخالف مهم جو نتيجو آهي. هن چيو ته اسان او آءِ سي جي ان بيان جي آجيان ڪريون ٿا جنهن ۾ ڀارت ۾ وڌندڙ مسلم مخالف واقعن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو آهي ۽ ڀارت تي زور ڏنو ويو آهي ته ??و مسلمانن جي خلاف فرقيواراڻي تشدد ۽ نفرت کي هوا ڏيندڙ انته??پس??دن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪري. ترجمان چيو ته ڀارتي حڪومت کي ملڪ ۾ اسلامو فوبيا جي وڌندڙ لهر کي روڪڻ، مسلمانن کي پنهنجي عقيد?? تي عمل ڪرڻ جي لاءِ تحفظ فراهم ڪرڻ ۽ اهڙي طرح جي نفرت انگيز ڪاررواين جي ذميو??رن جو گهيراءُ ڪرڻ جي لاءِ قابل عمل قدم کڻڻ گهرجن. ترجمان انهن ڪشميري اڳواڻن ۽ انساني حقن جي ڪارڪنن جي تحفظ تي پنهنجي گهري خدشن کي ورجايو جيڪي ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۽ ڀارت جي مختلف جيلن ۾ قيد آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان گڏيل قومن جي خصوصي نمائندي ميري لالر جي والاريل علائقي ۾ انساني حقن جي صورتحال بابت بيان جي آجيان ڪئي جنهن جي توثيق پرامن ميڙ جي آزادي ۽ انجمن بابت خصوصي رپوتازڪيلمنٽ نائيلٽسي ويليو ڪئي آهي. ان بيان ۾ ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڪشميري سول سوسائٽ?? تي مسلسل ڏاڍ جي اجاگر ڪيو ويو آهي. هن ان ڳالهه جي وضاحت ڪئي آهي ته ڪهڙي طرح والاريل علائقي ۾ غيرقانوني سرگرمين جي (روڪٿام) ايڪٽ جو اطلاق سول سوسائٽي، ميڊيا ۽ انساني حقن جي محافظن کي بدنام ڪرڻ ۽ خاموش ڪرائڻ جي لاءِ ڪيو پيو وڃي. هن ڀارت تي زور ڏنو ته ??و ڪشميري انساني حقن جي ڪارڪنن جي خلاف ڪريڪ ڊائون ختم ڪري. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ان بيان جي تائيد ڪندي چيو ته انساني حقن جي ذميوارين جي خلاف ورزين تي ڀارت کي جوابده ٿيڻ گهرجي. ترجمان ڀارت تي زور ڏنو ته ??و صحافين ۽ انساني حقن جي ڪارڪنن کي دٻائڻ ۽ والاريل علائقي ۾ اظهار راءِ ۽ ميڙ جي آزادي کي سلب ڪرڻ جي پاليسي ختم ڪري.
پاڪستان پاران ڀارت ۾ مسلمانن جي خلاف پرتشدد واقعن ۾ خطرناڪ حد تائين اضافي تي ڳڻتي جو اظهار
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری ویب سائٹ