دوحه – 06 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ق??ر جو ٻن ڏينهن جو دورو مڪمل ڪرڻ کانپوءِ وطن واپس روانو ٿي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جار?? بيان موجب وزيراعظم پنهنجي دوري دوران اسرندڙ ملڪن جي ڪانفرنس جي پنجين اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. هو قطر جي امير پاران ڪانفرنس ۾ شريڪ ملڪي سربراهن ۽ وزيرن جي اعزاز ۾ ڏنل آجياڻي ۾ شريڪ ٿيو. وزيراعظم سومر ڏينهن ڪانفرنس جي اجلاس کي خطاب ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف ق??ر جي امير شيخ تميم بن حمد آل ثاني سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ معاشي ۽ سيڙپڪاري ۽ تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي طريقن تي خي??لن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. قطر جي سيڙپڪاري بورڊ، قطر انويسٽمينٽ اٿارٽي جي سي اي او منصور ابراهيم ال محمود به وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ پاڪستان جي معيشت جي ڪيترن ئي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي مختلف تج??يزن تي اڳڀرائي بابت خي??لن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران پاڪستان جي توانائي ۽ بنيادي ڍانچي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي موقعن تي روشني وڌي وئي.
وزيراعظم قطر جو ٻن ڏينهن جو دورو مڪمل ڪرڻ کانپوءِ وطن واپس روانو
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا جیک پاٹ