اسلام آباد– 31 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شري?? چيو آهي ته بلوچستان جي ترقي حڪ??مت جي اولين ترجيح آهي، معاشي ترقي ۽ نوجوانن کي هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪري بلوچستان جي محرومين کي ختم ڪنداسين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان بلوچستان جي وقتي گورنر جان محمد جمالي ۽ سينيٽر ثنا جمالي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ موجوده سياسي صورتحال ?? بلوچستان ۾ جاري ترقياتي منصوبن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. بلوچستان جي وقتي گورنر جان محمد جمالي ۽ سينيٽر ثنا جمالي بلوچستان جي ترقي لاءِ وفاقي حڪ??مت جي قدمن ۽ گوادر بندرگاهه کي وڌيڪ فعال بڻائڻ جي لاءِ حڪ??ن تي وزيراعظم کي خراج تحسين پيش ڪيو.
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری کے انعامات