اسلام آباد- 16 ڊسمبر (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو ته آرمي پبلڪ ??سڪول سانحو ۽ اولهه پاڪستان اسان جي تاريخ جا 2 ناقابل فراموش واقعا آهن، انهن واقعن پاڪس??ان?? قوم کي ملڪ ??شمنن سان مقابلي ڪر?? لاءِ هڪ نئون جذبو ڏنو. آرمي پبلڪ ??سڪول سانحي پشاور جي ورسي جي موقعي تي گهرو وزير پنهنجي پيغام ۾ چيو ته آرمي پبلڪ ??سڪول ۽ مشرقي پاڪستان اسان جي تاريخ جا نه وسرندڙ واقعا آهن، انهن واقعن جي شهيدن پاڪس??ان?? قوم کي ملڪ ??شمنن سان مقابلي ڪرڻ جو هڪ نئون جذبو ڏنو. هن چيو ته اڄ جي ڏينهن پوري قوم پنهنجي انهن شهيدن کي خراجِ عقيدت ۽ سلام پيش ڪري ٿي. حڪومت نيشنل ايڪشن پلان تي سنجيدگيءَ سان عمل ڪري رهي آهي ته جيئن اهڙا واقعا ٻيهر نه ٿين. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان خلاف ناپاڪ مقصد رکندڙ ڌُرين سان سختيءَ سان مُنهن ڏنو ويندو.
مضمون کا ماخذ : اسرار ریلز