برسلز – 08 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ??اڪ??تان بيلجيم ۽ ??اڪ??تان يورپي يونين حصيداري کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي ضرورت آهي، ??اڪ??تان جي ايس پي پلس بابت گڏيل قومن جي 27 هين ڪنوينشن تي مڪمل عملدرآمد جي لاءِ پُرعزم آهي، افغانستان کي انساني بحران ک??ن ڪڍڻ لاءِ عالمي تعاون تمام گهڻو ضروري آهي، اها ڳالهه هن برسلز ۾ بيلجيم جي پارليامينٽ سان تعلق رکندڙ پارليامينٽ جي ميمبرن ۽ يورپي پارليامينٽ جي ميمبرن جي وفد سان ملاقات دور??ن ڪئي. ملاقات دوران ??اڪ??تان جا بيلجيم ۽ يورپي يونين سان ٻطرفا لاڳاپا، اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي اڳڀرائي سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. پرڏيهي وزير پارليامينٽ جي ميمبرن کي يورپي يونين ۽ ان جي سڀني ميمبر ملڪن سان ??اڪ??تان جي خوشگوار ۽ دوستاڻي لاڳاپن جي باري ۾ آگاهه ڪندي چيو ته ??اڪ??تان ۽ يورپي يونين جون 2019ع ۾ اسٽريٽجڪ انگيجمينٽ پلان (ايس اي پي) تي صحيحون ڪيون جنهن جي نتيجي ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۾ مدد ملي. ??اڪ??تان ۽ يورپي يونين جي وچ ۾ اهڙو ميڪنزم ۽ ڊائيلاگ فريم ورڪ موجود آهي جنهن جي ذريعي گڏيل دلچسپي جي سڀني معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته سيڙپڪاري واپار، ۽ اق??صادي تعاون، يورپي يونين ۽ بيلجيم سان ??اڪ??تان جا ڊگها لاڳاپا هڪ اهم جز آهن. جي ايس پي پلس گڏيل طور تي اهڙو فائدي وارو قدم رهيو آهي جنهن ??اڪ??تان ۽ يورپي يونين جي گڏيل واپار کي وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. ??اڪ??تان جي ايس پي پلس بابت گڏيل قومن جي 27 هين ڪنوينشن تي مڪمل عملدرآمد لاءِ پُرعزم آهي، هن چيو ته ٻطرفي تعاون جي نون موقعن جي فراهمي ۾ پارليامينٽ جي موثر ڪردار جو ذڪر ڪندي پرڏيهي وزير ??اڪ??تان بيلجيم ۽ ??اڪ??تان يورپي يونين حصيداري کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي ضرورتن تي زور ڏنو، پرڏيهي وزير وفد جي ميمبرن کي 15 آگسٽ کانپوءِ افغانستان مان غير ملڪي ماڻهن، سفارتڪارن، عالمي ادارن جي عملي ۽ ميڊيا جي نمائندن جي محفوظ طريقي س??ن ڪڍڻ ۾ ??اڪ??تان جي اهم ڪردار جي باري ۾ آگاهه ڪيو ۽ چيو ته ويجهو پاليسي هجڻ جي ناطي ??اڪ??تان افغانستان ۾ معيشت جي بحالي ۽ ڊگهي امن ۽ استحڪام جو خواهشمند آهي، شاهه محمود قريشي چيو ته افغانستان کي انساني بحران م??ن ڪڍڻ، پناهگيرن جي نئين لهر کي روڪڻ، افغانستان کي هڪ ڀيرو ٻيهر دهشتگردن جي محفوظ پناهگاهه بڻجڻ کان بچائڻ، ۽ افغان پناهگيرن جي عزت ۽ وقار سان پنهنجي وطن واپسي جي راهه هموار ڪرڻ لاءِ، عالمي تعاون گهڻو ضروري آهي. ??اڪ??تان عالمي برادري جو ??يان افغانستان جي پوئتي پيل اق??صادي صورتحال ۽ تيزي سان اڀرندڙ انساني بحران ڏانهن ڌيان ڇڪرائڻ لاءِ 19 ڊسمبر تي او اءِ سي جي پرڏيهي وزير ڪائونسل جي غير معمولي اجلاس جي ميزباني ڪري رهيو آهي، پرڏيهي وزير يورپي پارليامينٽرينز کي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي قابض فوج پاران جاري، انساني حقن جي سنگين پائمالين کان آگاهه ڪيو. پرڏيهي وزير سان ملاقات لاءِ آيل بيلجيم پارليامينٽ جي ميمبرن ۽ يورپي يونين جي ميمبرن ??اڪ??تان جي بيلجيم ۽ يورپي يونين سان لاڳاپا وڌائڻ جي عزم ۽ علائقائي صورتحال کان آگاهه ڪرڻ تي پرڏيهي وزير جو ٿورو ادا ڪيو. وفد افغانستان مان غير ملڪي ماڻهن جي محفوظ طريقي سان نڪرڻ، افغان عوام کي انساني امداد جي فراهمي لاءِ عالمي ڪوششن جي ڏس ۾ ??اڪ??تان جي متحرڪ ۽ مثبت ڪردار کي ساراهيو ۽ ??اڪ??تان ۽ بيلجيم جي وچ ۾ پارلياماني رابطن کي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو.
پاڪستان بيلجيم ۽ پاڪستان يورپي يونين حصيداري کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي ضرورت آهي: شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : نتیجہ لوٹومینیا