اسلام آباد – 02 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ڪورونا وب?? جي باوجود گذريل ٽن سالن جي دوران تقريبن 11 لک ماڻهن کي ٻاهري?? ملڪ روزگار جا موقعا مليا. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ايندڙ ٻن سالن ۾ پوري ??ميد آهي ته تقريبن 20 لک ماڻهو ٻاهري?? ملڪ ويندا، اطلاعات واري وفاقي وزير پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ٻاهري?? ملڪ ملازمت ل??ءِ بيورو آف اميگريشن اينڊ اوورسيز ايمپلائيمينٽ پاران رجسٽرڊ ڪيل پاڪستاني ورڪرن جي تعداد جي حوالي سان اسٽيٽمنيٽ به شيئر ڪئي جنهن موجب 2019ع کان آڪٽوبر 2021ع تائين ٽن سالن ۾ مجموعي طور تي 10 لک 26 هزار 640 ماڻهن کي ٻاهري?? ملڪ روزگار مليو. 2019ع ۾ 6 لک 25 هزار 203 ماڻ??ن ٻاهري?? ملڪ ملازمت حاصل ڪئي. 2020ع ۾ 2 لک 24 هزار 705 ۽ 2021ع ۾ هڪ لک 76 هزار 732 ماڻ??ن ٻاهري?? ملڪ ملازمت تي ويا.
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے اعدادوشمار