ڪراچي – 29 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ڏندن جي صحت لاءِ احتياط سڀ کان ??هم آهي، ڏندن جي صفائي جي حوالي سان ??وام ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي، ڊينٽسٽس کي مالي فائدي کي ترجيح ڏيڻ جي بدران معاشري جي ضرورتن ۽ عوام جي ڏندن جي صحت تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، مريضن سان ??يانتداري سان پيش اچڻ صحت جي شعبي سان ??علق رکندڙ ماڻهن جي بنيادي ذميداري آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سنڌ جي گورنر هائوس ۾ علو?? ڊينٽل اسپتال ۽ برنگنگ سمائلز انڪارپوريشن آمريڪا جي وچ ۾ مفاهمت جي يادداشت تي صحيح جي تقريب ۾ خاص مهمان ??ور خطاب ڪندي ڪيو، صدر ٻنهي اسپتالن جي وچ ۾ مفاهمت جي معاهدي کي ساراهيندي چيو ته ايم او يو ملڪ ۾ عام ماڻهن جي لاءِ سستي ۽ معياري ڏندسازي کي يقيني بڻائيندو، هن چيو ته ان منصوبي سان ملڪ ۾ سيڙپڪاري ايندي ۽ صحت جي شعبي سان لاڳاپيل ماڻهن جي لاءِ روزگار جا موقعا ??يدا ٿيندا، ان موقعي تي علو?? ڊينٽل اسپتال جي آواب علوي خطاب ڪندي چيو ته اهو منصوبو رات جي پيٽ ۾ شروع ناهي ڪيو ويو پر ان ??ي لاءِ ڪافي محنت ??ئي وئي آهي، هن چيو ته معاهدي تحت سڄي ملڪ ۾ ڏند ٺاهيندڙن جي ڪلينڪ قائم ڪيا ويندا، هن چيو ته مستند ڊاڪٽرن جي ڪا به کوٽ نه آهي، ان معاهدي سان ??ي شمار موقعا ??يدا ٿيندا ۽ بهترين ڊاڪٽر ان منصوبي ۾ شامل هوندا جيڪي پاڪستان ۾ سستا ڏند ٺاهڻ کي يقيني بڻائيندا، برنگنگ سمائلز انڪارپوريشن آف يو ايس اي جي ڊاڪٽر انس اظهر ان موقعي تي خطاب ڪندي چيو ته ان منصوبي سان پاڪستان ۾ وڏي سيڙپڪاري متوقع آهي، هن چيو ته پاڪستان ??ي تقريبن 90 سيڪڙو آبادي ڏندن جي ڪنهن نه ڪنهن مسئلي ۾ مبتلا آهي، اهو هڪ وڏو چئلينج آهي ۽ ڏندن جي صفائي ۽ صحت جي حوالي سان ??وام جي شعور پيدا ڪرن جي ضرورت آهي، علو?? ڊينٽل اسپتال ۽ برنگنگ سمائلز انڪارپوريشن يو ايس اي جي وچ ۾ ايم او يو جي تحت گروپ جو نالو Inspire Dental (Network (Pvt.) Ltd (IDN) رکيو ويو آهي، آءِ ڊي اين پاڪستان ۾ وات جي صحت جي بهتري لاءِ ڪم ڪندو ۽ نوجوان ڏند ٺاهيندڙن کي معياري ۽ هڪجهڙي طريقيڪار سان نگراني ۾ پنهنجي ڪلينڪ قائم ڪرڻ ۾ سهولت فراهم ڪندو جيڪو حفظان ??حت جي اعليٰ تر??ن معيار موجب هجي. آءِ ڊي اين پاڪستان ۾ ڏند ٺاهڻ جي شعبي ۾ ملڪ جي مستحق تعليم يافته ۽ تربيت يافته نوجوانن جي لاءِ معاشي تر??ي ۽ روزگار جا موقعا ??يدا ڪرڻ جي لاءِ ڪم ڪرڻ جو ويزن رکي ٿو، ايم يو اي تي علو?? ڊينٽل اسپتال جي اواب علوي ۽ برنگنگ سمائلز انڪارپوريشن جي ڊاڪٽر انس اطهر صحيحون ڪيون جنهن جي صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ خاتون اول ثمينه عارف علوي مشاهده ڪيو.
ڏندن جي صحت لاءِ احتياط سڀ کان اهم آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے عمومی نمبر