اسلام آباد – 08 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب مريم ??فدر کي چئلينج ڪيو آهي ته جيڪڏهن اها سمجهي ٿي ته ان جي خلاف ڪيسز ڪوڙ تي ٻڌل آهن ته ا??ا فوري طور تي عدالت کان روزاني جي بنياد تي ٻڌڻي جي درخواست ڪري، ٽن سالن کان مريم ??زائن جي خلاف پنهنجي اپيلن ۾ التوا جي پويان لڪي ر??ي آهي، شريف فيملي جو شيوو آهي ته جڏهن انهن جو احتساب ٿي رهيو هجي يا ڪا جاچ ٿئي ته اهي بيمار ٿي پوندا آهن، سزائن جي خلاف اپيلن تي ٻڌڻي ۾ مريم ??فدر التوا لاءِ ڪا نئين شر کڻي ايندي آهي، انهي جي ڪري اپيلن تي ٻڌڻي اڳتي نه وڌي ر??ي آهي، نواز شريف به ڀڳوڙو بڻجي لنڊن عياشي جي زندگي گذاري رهيو آهي، پاڪستان جي عوا?? جو مطالبو آهي ته پاڪستاني دولت ڦري ٻاهرئين ملڪن ۾ جائيدادون ٺاهڻ، مني لانڊرنگ ڪندڙن جا ڪيسز جلد منطقي انجام تائين پهچايا وڃن. هو صحافين سان ڳالهائي رهيو هو. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته جولاءِ 2018ع کان نواز شريف ۽ مريم ??فدر جي سزائن جي خلاف اپيلون هاءِ ڪورٽ ۾ هلي رهيون آهن پر مريم ??پيلن تي ميرٽ تي شنوائي ٿيڻ نه ڏئي ر??ي آهي. اڳ ۾ چوندي هئي ته اپيلن تي فيصلو نه ٿي رهيو آهي جڏهن عدالت ۾ باقاعده پيشي شروع ٿي آهي ته 10 ڀيرا ان پاران التوا ورتو ويو، وڪيل کي به ڪورونا ٿي وڃي ٿو ته ڪڏهن چيلهه ۾ سوُر. اڄ ان وڪيل ڇڏڻ جي ڳالهه ڪري ڇڏي آهي ۽ نئين پٽيشن داخل ڪرڻ جي لاءِ هڪ مهيني جو وقت گهريو آهي. التوا جي پويان لڪڻ (ن) ليگ جي قيادت جو شيوو آهي، اهي سدائين ڪوشش ڪندا آهن ته انهن جي ڪيسن ۾ التوا ٿئي، شهباز شريف جي ٽي ٽيز جو ڪيس، حديبيه ڪيس ۾ به ائين ئي التوا وٺندا رهيا آهن. شريف فيملي کان جڏهن احتساب جو سوال ٿيو ته اهي سڀ بيمار ٿي پون ٿا. اڄ ته ان جو وڪيل به بيمار ٿي پيو آهي. هن چيو ته امجد پرويز گذريل هفتي ٻڌڻي کان هڪ ڏينهن اڳ نيب عدالت ۾ پيش ٿيو پر اپيلن ۾ پيش ٿيڻ کان قاصر آهن. ڪرپشن ڪيس ۾ مريم ??فدر کي 7 سال سزا، 2 ملين پائونڊ ڏنڊ، چئن فليٽس جي بينيفشل اونر ثابت ٿي. هن چيو ته سزائن جي خلاف پنهنجي داخل ڪيل اپيلن تي هاڻي فيصلو ٿيڻ گهرجي، جيڪڏهن هن چوري ناهي ڪئي ته عدالت روزاني جي بنياد تي ان جي ٻڌڻي ڪري. نيب عدالت کي ته ثبوت پيش نه ڪري سگهيا، اميد آهي ته هاڻي نئون قطري خط نه کڻي ايندي. هن چيو ته وزارت عظميٰ جي اميدوار جي ڳالهه ڪندڙ (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي جو پاڻ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ جو مقابلو آهي، ش تي م حاوي ٿي چڪي آهي، پاڻ ۾ ويڙهه تمام وڏي ڪنفيوزن آهي، قيادت جو فيصلو ٽاس تي ٿيندو رهندو. اڄ جي ڏينهن ڪنهن کي قيادت ڪرڻي آهي، احتساب جو عمل پهريون ڀيرو شروع ٿيو آهي، اڳ ۾ ته هڪ ٻئي سان مڪ مڪا ڪري وٺندا هئا. هن چيو ته سزا يافته ماڻهو ضمانتن تي آهن، روزانو ڀاشن ڏين ٿا ته انهن جي اپيلن جا فيصلا ٿيڻ گهرجن. هن چيو ته سياهه چهرا قوم جي سامهون اچي ويا آهن. احتساب جي عمل کان ڀڄڻ نه ڏينداسين، انهن کي قانون جي تابع آڻينداسين.
مريم صفدر جيڪڏهن سمجهي ٿي ته ان جي خلاف ڪيس ڪوڙا آهن ته اها فوري طور تي عدالت کي روزاني جي بنياد تي ٻڌڻي جي درخواست ڪري: فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : ہاٹ اسپن