گلگت – 30 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چ??و آهي ته آئون جمهوريت پسند آهيان ڪنهن آمر جي حمايت نٿو ڪري سگهان، ملڪ مان پئسو چوري ڪري ٻاهر کڻي ويندڙ ماڻهو ملڪ جا غدار ۽ قومي ڏوهاري آهن، انصاف ۽ قانون جي بالادستي کا??سواءِ ملڪ به ملڪ خوشحال نٿو ٿي سگهي، وڏا ۽ طاقتور ماڻهو چوري ڪندا آهن ته ان سان ملڪ تباهه ٿي ويندا آهن، انهن قومن جي تباهي ٿيندي آهي جتي امير ۽ غريب لاءِ ڌار ڌار قانون هجن، منهنجي تربيت چورن جي خلاف جدوجهد جي آهي ۽ ان جدوجهد ۾ ضرور ڪامياب ٿينداسين، گلگت بلتستان ۾ سياحت جا ايترا موقعا موجود آهن ته هي مرڪز کا?? پئسا وٺڻ بدران ان کي ڏئي سگهي ٿو، گلگت بلتستان لاءِ 370 ارب روپين جو پيڪيج شروعات آهي وڌيڪ به مدد ڪنداسين، اسڪردو ايئرپورٽ کا?? عالمي اڏامون هلايون وينديون. گلگت ۾ ترقياتي پيڪيج جي اعلان جي موقعي تي تقريب کي خطب ڪندي وزيراعظم عمران خان چ??و ته گلگت بلتستان جي لاءِ اهڙو پيڪيج ڏيڻ چاهيان ٿو ته جنهن سان هتي ترقي اچي تنهن هوندي به قرض ۽ ان جون قسطون ڏيڻ جي ڪري پئسا نه هئا، هر جڳهه کا?? فنڊز جو مطالبو آهي تنهن هوندي به اسان ان جي باوجود گلگت بلتستان لاءِ تاريخي پيڪيج ڏنو آهي، هن چ??و ته جڏهن آئون 15 سالن جو هئس تڏهن اسڪول طرفان هتي جو دورو ڪيو هتي جا ڊرائيور وڏي مهارت رکندا آهن، کين سلام پيش ڪريون ٿا، هتي انفرااسٽرڪچر نه هجڻ جي ڪري پاڪستان سميت دن??ا جو ان سان رابطو نه هو، هي علائقو دنيا کا?? ڌار هو، هتي هاڻي به رستا ??طر??اڪ آهن اسان انهن کي بهتر ڪري رهيا آهيون، هن چ??و ته مون سوئٽزرلينڊ سميت دن??ا جي خوبصورت علائقا ڏٺا تنهن هوندي به مون کي فخر آهي ته گلگت بلتستان انهن کا?? گهڻو خوبصورت آهي، هتي دن??ا جا وڏا جابلو سلسلا، سرسبز ميدان وڌيڪ خوبصورت آهن، جڏهن ٻاهران واپس آيس ته پنهنجي دوستن کي هتي وٺي آيس مون هتي جي خوبصورتي کي ڪتابي شڪل ڏني، ان سان دنيا کي ان علائقي جي خوبصورتي کا?? آگاهي ٿي. هن چ??و ته مون تڏهن اهو واعدو ڪيو هو ته جيڪڏهن ڪڏهن موقعو مليو ته ان علائقي نه پر پوري پاڪستان جي خدمت ڪندس، هن چ??و ته ماضي ۾ حڪمران گرميون گذارڻ ٻاهرين ملڪ ويندا هئا، سندن اولاد اتي تعليم حاصل ڪندو هو، سندن جائيدادون اتي هيون، اهي هن علائقي ۾ هيلي ڪاپٽر تي چڪر لڳائي وٺندا هئا، وزيراعظم چيو ته ان علائقي ۾ انڊسٽريل زورن کا?? وڌيڪ سمال انڊسٽريز فائديمند ٿي سگهن ٿيون، هتي جو ميوو دنيا ۾ بهترين ذائقي وارو آهي، هتي فوڊ پروسيسنگ يونٽس ٺاهي سگهجن ٿا، هتي سياحت ۾ سڀ کا?? وڌيڪ موقعا آهن، هي علائقو رقبصي ۾ سوئٽزرلينڊ کا?? ٻيڻ تي وڏو آهي، هتي خوبصورتي وڌيڪ آهي.
آئون جمهوريت پسند آهيان ڪنهن آمر جي حمايت نٿو ڪري سگهان: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : جنگل وائلڈ