اسلام آباد – 28 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان پ??سٽ کي 45 ڏينهن اندر معذور رٽائرڊ ملازم جي پٽ کي ڀرتي ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب سکر جي رهواسي محمد شاهد پاڪستان پ??سٽ آفيس ڊ??پارٽمينٽ طرفان معذور ملازمن جي ڪوٽا تي پٽ جي ڀرتي جي درخواست وڏي عمر جي بهاني رد ڪرڻ تي وفاقي محتسب ۾ شڪايت جمع ڪرائي هئي، صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاران معمولي غذر تي معاملي کي ڏکيو بڻائڻ ۽ ملازمت نه ڏيڻ تي کاتي جي ڪن مهٽ ڪئي وئي، صدر معاملي کي حل ڪرڻ ۾ غير معمولي دير تي نارا??گي جو اظهار ڪيو، صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته هڪ معمولي عذر تي هڪ معذور شخص جي معاملي کي ڏکيو ڪرڻ افسوسناڪ آهي، معذور ماڻهن جي خلاف امتيازي سلوڪ جهڙن نامناسب روين جي حوصلا شڪني ڪرڻ گهرجي، صدر پ??سٽ آفيس ڊ??ارٽمينٽ کي معذور ملازمن جي ٻارن کي ڏنل نوڪرين جا تفصيل فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.
صدر پاران پاڪستان پوسٽ کي 45 ڏينهن اندر معذور رٽائرڊ ملازم جي پٽ کي ڀرتي ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : sorteos da loteria