راولپنڊي – 16 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته حڪومت جي متوازن حڪمت عملي سان ڪورونا جي ڦهلاءُ کي روڪڻ ۾ مدد ملي آهي جڏهن ته ملڪي معيشت جي ڪجهه اهم شعبن کي کولڻ سان ماڻهن کي روزگار جا موقعا به ملندا، عوام موجوده چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ڊسپلين جو مظاهرو ڪري ۽ حڪومتي هدايتن تي عملدر??مد کي يقيني بڻائي، اسان جي قوم ماضي وانگر هن آزمائش مان سرخرو ٿيندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن راولپنڊي ريلوي اسٽيشن تي راشن ورهائڻ ??ار?? تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ريلوي ??ار?? وفاقي وزير شيخ رشيد احمد، سم??جي ڀلائي ??ار?? خاص معاون ڊاڪٽر ثانيه نشتر ۽ عون عباس پڻ ان موقعي تي موجود هئا. صدر غريب ۽ پورهيت طبقي جي لاءِ ر??ضا?? رليف پئڪيج جو اهتمام ڪرڻ تي منتظمين جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته نيڪ ڪمن جي تشهير سان ماڻهن ۾ اميد پيدا ٿئي ٿي ۽ انهن کي خبر پوي ٿي ته انهن جي لاءِ ڪم ٿي رهيو آهي.
حڪومت جي متوازن حڪمت عملي سان ڪورونا جي ڦهلاءُ کي روڪڻ ۾ مدد ملي آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ خریدیں