اسلام آباد – 20 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معا??ن ڊاڪٽر ف??دو?? عاشق اعواڻ چ??و آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت اقتدار سنڀالڻ کانپوءِ ملڪ جي خراب ٿيندڙ معيشت کي سنڀاليو، گذريل سال پاڪستان جي استحڪام جو سال هو جڏهن ته هلندڙ سال پاڪستان جي تعمير جو سال هوندو، ڪشمير پاڪستان جو دفاعي دائرو آهي، ميڊيا ڀارتي ڏاڍ جي خلاف تسلسل سان آواز بلند ڪرڻ جو سلسلو جاري رکي، مظلوم ڪشميرين جي جن?? عالمي فورمن تي موثر انداز سان وڙهڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، وزيراعظم ڪابينا کي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان ڪشمير بابت پنهنجي ڳالهه ٻولهه کان آگاهه ڪيو، دفاعي پاليسين جي تسلسل جي لاءِ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي ملازمت جي مدي ۾ و??ڌ جو فيصلو ڪيو ويو. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏيندي وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معا??ن ڊاڪٽر ف??دو?? عاشق اعواڻ ٻڌايو ته ڪابينا جي اجلاس ۾ 13 نقاطي ايجنڊا تي غور ڪيو ويو.
حڪومت ملڪ جي خراب ٿيندڙ معيشت کي سنڀاليو آهي: فردوس عاشق اعواڻ
مضمون کا ماخذ : como ganhar na raspadinha