اسلام آباد – 20 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ??يو آهي ته فاٽا جي انضمام کانپوءِ ڏکڻ پنجاب صوبو ٺاهڻ جو ڪريڊٽ به عمران خان ڏانهن ويندو، ??ڳوڻي حڪومت ۾ جهلم، لوڌران، راجن پور، چڪوال ۽ ٻين ضلعن ۾ مخصوص طريقي سان پئسا خرچ ڪيا ويا جنهن جي ڪ??ي اهي علائقا ان رفتار سان ترقي نه ڪري سگهيا جنهن رفتار سان لاهور ۽ ٻين ضلعن ترقي ڪئي آهي، ايوان ۾ تقريرون ڪرڻ ته آسان آهي پر عملي ڪم ۾ ساٿ نه ٿو ڏنو وڃي، قومي مالياتي ڪميشن (اين ايف سي) ٺاهڻ جي لاءِ اڃا تائين سنڌ حڪومت پنهنجو نمائندو نامزد ناهي ڪيو. قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي چوڌري فواد حسين ??يو ته جڏهن فاٽا جو انضمام ٿي رهيو هو ته ان وقت واعدو ڪيو ويو هو ته اين ايف سي جي شيئرز ۾ فاٽا جو حصو رکيو ويندو، ??ڏهن اين ايف سي ايوارڊ جوڙڻ جو مرحلو آيو ته سنڌ حڪومت اڃا تائين پنهنجو نمائندو ئي نامزد ناهي ڪيو.
فاٽا کانپوءِ ڏکڻ پنجاب صوبو ٺاهڻ جو ڪريڊٽ به عمران خان ڏانهن ويندو: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : گرم گرم