پوگس (تاجڪستان) – 06 جولاءِ (اي پي پي) پا??ستان، افغانستان، تاجڪستان ۽ ڪرغزستان جي اڳواڻن جو چار ملڪي سربراهه اجلاس ٿيو جنهن ۾ 1.2 ارب ڊالر لاڳت جي ڪاسا 1000 بجلي جي منصوبي تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو ۽ اڳواڻن ان منصوبي کي جلد مڪمل ڪرڻ جي لاءِ سمورا قدم کڻڻ جو عزم ظاهر ڪيو. اهو چار ملڪي منصوبو 2018ع تائين ٻن وچ ??يش??ائي رياستن سان پا??ستان ۽ افغانستان کي 1300 مي??اواٽ بجلي فراهم ڪندو. وزيرا??ظم محمد نواز شريف کانسواءِ تاجڪ صدر امام علي رحمانوف، افغان صدر اشرف غني ۽ ڪرغزستان جي وزيرا??ظم سوران بي جين بيڪوف ڪاسا 1000 چار ملڪي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. انهن اڳواڻن جو اجلاس گادي واري شهر دوشنبي کان 36 ڪلوميٽر پري پهاڙي سياحتي ماڳ پوگس ۾ ٿيو جنهن ۾ ان اهم منصوبي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي جنهن سان پا??ي وسيلن ذريعي صاف سٿري ۽ ماحول دوست بجلي پيدا ٿيندي.
مضمون کا ماخذ : como jogar lotofácil