نڙهه – ڪهوٽا – 04 نومبر (اي پي پي) ??زي??اعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۾ اقتصادي ۽ دفاعي ميدان ۾ ترقي مسلم ليگ (ن) جي دور ۾ ئي ٿي آهي، پڳڙيون اڇلائيندڙ، لاڳيتو ڪوڙ ڳالهائيندڙ ۽ اڻوڻندڙ زبان استعمال ڪندڙ ڪڏهن پاڪستاني عوام جو ليڊر نه ٿو ٿي سگهي، پاڪستان ترقي ۽ خوشحالي جي راهه تي گامزن آهي، مخالفن کي ترقي هضم نه ٿي رهي آهي ۽ هو ان جي راهه ۾ رڪاوٽون وجهي رهيا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن نڙهه، ڪهوٽا ۾ هڪ وڏي عوامي جلسي کي خطاب ڪندي ڪيو. جلسي کي پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي چيئرمين راجا ظفرال??ق، پيٽروليم ۽ قدرتي وسيلن جي وفاقي ??زي?? شاه?? خاقان عباسي ۽ صوبائي ??زي?? راجا اشفاق سرور پڻ خطاب ڪيو. ??زي??اعظم تعلقي هيڊڪوارٽر اسپتال کي جديد بڻائڻ، 12 اسڪولن کي هايئر سيڪنڊري اسڪول جو درجو ڏيڻ، ڇوڪرين جي لاءِ ڪاليج قائم ڪرڻ، ڪهوٽا ۽ ڪلرسيدان ۾ 100 ڪلوميٽر رستن جي تعمير جي لاءِ فنڊن جي فراهمي جو اعلان ڪيو.
پاڪستان ۾ ترقي مسلم ليگ (ن) جي دور ۾ ئي ٿي آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : como jogar lotofácil