رياض-07 ڊسمبر (اي پي پي) سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان چيو آهي ته سعودي ع??ب ويزن 2030ع تحت شاندار ترقياتي موقعن ۽ امڪانن جي بنياد تي پائيدار واڌ جي شرح ۾ اض??في لاءِ ڪم ڪندا رهنداسين. سعودي اخبار اردو نيوز موجب شهزاده محمد بن سلمان سعودي ويزن 2030ع تحت سعودي ع??ب ۾ ترقي ۽ مالياتي ۽ اقتصادي سڌارا جاري رکڻ تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن چيو ته شاهه سلمان بن عبدالعزيز جي هدايتن موجب مملڪت جي بهتر مستقبل لاءِ ڪم ڪندا رهنداسين. تيل کانسواءِ ٻين ??ريعن مان قومي پيداوار ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته سعودي ع??ب سرڪاري خرچن جو دائرو وسيع ڪري واڌ جي شرح کي بهتر بڻائڻ جي حوالي سان نئين قومي بجيٽ جي پابندي ڪندي. شهزاده محمد بن سلمان چيو ته نئين ??جيٽ سان اڀرندڙ اقتصادي شعبا ترقي ڪندا، سيڙپڪاري کي هٿي ملندي، صنعتن جي حوصلا افزائي ٿيندي، مقامي منصوعات جو استعمال وڌندو، تيل کانسواءِ سعودي روانگي واپار ۾ اضافو ٿيندو. هن پبلڪ انويسٽمينٽ فنڊ ۽ قومي ترقياتي فنڊ جي موثر ۽ اهم ڪردار جي واکاڻ ڪندي چيو ته مالياتي صلاحيت وڌائي ۽ سرڪاري محفوظ اثاثن ذريعي سرڪاري خزاني جي ڪارڪردگي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جون ڪوششون جاري رکنداسين. قومي قرضن ۾ استحڪام برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪنداسين ??ه جيئن مستقبل ۾ ڪنهن به امڪاني بحران يا تبديلي کي منهن ڏئي سگهجي. هن سرڪاري خرچن ۾ اض??في جي روڪٿام جو ذڪر ڪندي چيو ته ان جو بنيادي سبب مقامي شهرين، پرڏيهين ۽ زائرين کي فراهم ڪيل خدمتن جو معيار بهتر کان بهتر بڻائڻ جي خواهش آهي. سعودي ولي عهد اقتصادي واڌ لاءِ نجي شعبي سان حصيداري بهتر بڻائڻ ۽ ان کي مستحڪم ڪرڻ جي پاليسي تي گامزن رهڻ جي ع??م جو اظهار ڪيو. شهزاده محمد بن سلمان چيو ته سعودي ع??ب ايندڙ سال م??يشت کي وڌيڪ پرڪشش بڻائڻ لاءِ ڊگهي مدي ۽ وچولي مدي وارا قدم کڻندو ۽ سمورن اقتصادي شعبن کي جديد خطن تي هموار ڪري معيشت ۾ واڌ ۽ ملڪي ۽ پرڏيهي سيڙپڪاري لاءِ ماحول سازگار بڻائيندو.
معيشت کي وڌيڪ پرڪشش بڻائڻ لاءِ ڊگهي مدي ۽ وچولي مدي وارا قدم کڻنداسين: سعودي ولي عهد
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری