گڏيل قومون- 03 نومبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ڪيوبا تي لاڳو آمريڪا جي اقتصادي ۽ واپاري پاب??دي?? خلاف قرارداد کي وڏي اڪثريت سان منظور ڪري ورتو آهي. آمريڪا ڪيوبا خلاف هي پاب??دي??ن پهريون ڀيرو 1960ع ۾ لڳايون هيون، ”ڪيوبا خلاف رياست متحد آمريڪا طرفان لاڳو اقتصادي، واپاري ۽ مالياتي پاب??دي?? جي خاتمي جي ضرورت“ جي عنوان سان هر سال پيش ڪيل قرارداد جي حق ۾ جنرل اسيمبلي جي ميمبر 187 ملڪن ووٽ ڏنا صرف آمريڪا ۽ اسرائيل ان جي خلاف ووٽ ڏنو ۽ يوڪرين راء?? شماري ۾ حصو نه ورتو. راء?? شماري کان اڳ قرارداد تي مسلسل ٻن ڏينهن تائين بحث ٿيو. جنرل اسيمبلي سمورين رياستن کان ان مطالبي جو ورجاءُ ڪيو ته هو گڏيل قومن جي چارٽر ۽ عالمي قانونن تحت پنهنجي ذميوارين موجب پاب??دي??ن لاڳو ڪندڙ اهڙن قانونن ۽ قدمن کي لاڳو ڪرڻ کان پاسو ڪري. ڪيوبا جي پرڏيهي وزير برونو روڊ ريگوز پاريلا چيو ته سندن ملڪ خلاف آمريڪا طرفان 60 سال اڳ لاڳو ڪيل پاب??دي??ن ڪيوبا جي سمورن حقن جي خلاف ورزي آهن. هن چيو ته ڪيوبا جي 80 سيڪڙو آبادي پنهنجي سڄي عمر سندن ملڪ تي آمريڪا طرفان لاڳو پاب??دي?? جي حالت ۾ گذاري چڪي آهي، هن وڌيڪ چيو ته سندن ملڪ خلاف آمريڪي پاب??دي??ن اقتصادي جنگ آهن ۽ سندن مقصد ملڪ ۾ حڪومتي ۽ آئيني نظام کي تباهه ڪرڻ جي ڪوشش آهي. گڏيل قومن ۾ پيرو جي سفير لوئس يوگاريلي چيو ته اهي پاب??دي??ن گڏيل قومن جي چارٽر ۽ انساني حقن جي عالمي قانونن خلاف آهن.
ڪيوبا تي آمريڪي پابندين خلاف قرارداد جنرل اسيمبلي هڪ ڀيرو ٻيهر وڏي اڪثريت سان منظور ڪري ورتي
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کا اطلاق