ڍ??ڪا -02 آڪٽوبر (اي پي پي) بنگلاديش جي حڪومت اڳوڻي وزيراعظم خالده ض??ا کي علاج لاءِ پرڏيهه وڃڻ کان روڪي ڇڏيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق ڍ??ڪا ۾ ميڊيا سان ڳ??له??ئيندي قانون واري وزير بڌايو ته حڪومت سندس پرڏيهه وڃڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي آهي ۽ جيل مان آزادي جي ايگزيڪيوٽو آرڊر کيس سياست ۾ حصو وٺڻ ۽ طبي سار سنڀال لاءِ پرڏيهه وڃڻ کان روڪي ڇڏيو آهي. اڳوڻي وزيراعظم خالده ض??ا جي بنگلاديش نيشنلسٽ پارٽي (بي اين پي) جي وڪيل قيصر ڪمال حڪومتي فيصلي تي تنقيد ڪندي چيو ته 78 ورهين جي پيرسن اڳوڻي وزيراعظم کي پرڏيهه وڃڻ کان روڪڻ سياسي انتقام آهي، جنوري جي پڇاڙي ?? بنگلاديش ۾ عام چونڊون ٿينديون، ڪيترن ئي اولهه جي حڪومتن ۽ انساني حقن جي تنظيمن ملڪ ۾ سياسي ماحول تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. 2008ع ۾ خالده ض??ا کي ڪرپشن جي الزام ۾ 17 سال قيد جي سزا ٿي هئي. گهر ۾ نظربند ٿيڻ کان اڳ هن 2 سال جيل ۾ به گذاريا، هن پنهنجي خلاف لڳايل الزامن کي رد ڪيو هو. اڳوڻي وزيراعظم جي ڊاڪٽر چيو آهي، ته آگسٽ کان وٺي خالده ض??ا جگر جي بيماري، ساهه کڻڻ ۾ ڏکيائي ۽ شگر جي ڪري اسپتال داخل آهي. کيس دل جي بيماري، سنڌن ۽ گوڏن ۾ پڻ تڪليف آهي. گذريل مهيني خالده ض??ا جي ڪٽنب حڪومت کي خط لکيو هو جنهن ۾ علاج لاءِ پرڏيهه وڃڻ جي اپيل ڪئي هئي.
بنگلاديش جي اڳوڻي وزيراعظم خالده ضيا کي پرڏيهه ۾ علاج لاءِ وڃڻ کان روڪيو ويو
مضمون کا ماخذ : کنگ میکر