اسلام آ??اد – 10 – جنوري (اي پي پي) عورتن جي تعليم جي فروغ جي لاءِ 2 ڏينهن واري عالمي ڪانفرنس ڇنڇر 11 جنوري کان شروع ٿيندي. ”مسلمان معاشرن ۾ ڇ??ڪرين جي تعليم: چئلينجز ۽ موقعا“ جي عنوان سان ٿيندڙ ڪانفرنس ۾ 23 کان وڌيڪ ملڪن جا نمائندا، تعليمي ماهرن، وزير ۽ اسڪولز جا نمائندا شرڪت ڪري رهيا آهن. پاڪستان ۾ عورتن جي تعليم جي حوالي سان چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عالمي برادري کي ڪانفرنس ۾ گهرايو ويو آهي. ڪانفرنس ۾ عورتن جي تعليم جي اهميت کي اجاگر ??رڻ جي لاءِ اسلامي ملڪن جا نمائندا پڻ شرڪت ڪري رهيا آهن. اها ڪانفرنس پاڪستان جي لاءِ هڪ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندي. ان ڪانفرنس ۾ مسلمان ۽ دوست ملڪن جي وزيرن، سفيرن، تعليمي ماهرن ۽ اسڪالرز سميت 150 کان وڌيڪ عالمي ناليواريون ??خصيتون ??رڪت ڪنديون. گڏيل قومن جي ذيلي اداري يونيسڪو، يونيسيف ۽ عالمي بئنڪ سميت مختلف عالمي تنظيمن جا نمائندا پڻ موجود هوندا. مقررين ۽ پينلسٽ پنهنجا ڪامياب تجربا شرڪت ڪندڙن سان شيئر ڪندا ۽ تعليم ۾ برابري جي فروغ جي لاءِ جديد طريقا پيش ڪندا. ڪانفرنس جي پڄاڻي تي ”اسلام آ??اد پڌرنامي“ تي باضابطا صحيحون ڪيون وينديون ??يڪو مسلمان معاشري جي ڇوڪرين کي تعليم جي ذريعي بااختيار بڻائڻ جي گڏيل عزم جو خاڪو پيش ڪندو جنهن سان جامع ۽ پائيدار تعليمي سڌارن سان گڏوگڏ ايندڙ نسلن جي لاءِ روشن مستقبل جي راهه هموار ٿيندي.
عورتن جي تعليم جي فروغ جي لاءِ 2 ڏينهن واري عالمي ڪانفرنس ڇنڇر 11 جنوري کان شروع ٿيندي
مضمون کا ماخذ : پاور بال آن لائن خریداری