اسلام آباد-12 نومبر (اي پي پي) توانائي (پاور ڊويزن) واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان ??ان ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ايمافين جي سربراهيءَ ۾ ايشيائي ترقياتي بئنڪ (اي ڊي بي) جي وفد ملاقات ڪئي، جنهن ۾ توانائي جي شعبي ۾ سهڪار تي ڳالهيون ٿيون. ڪالهه ٿيل ملاقات ۾ وفاقي وزير پاڪستان جي توانائي جي شعبي ۾ اي ڊي بي جي ڪردار جي تعريف ڪئي. هن چيو ته ا??ان پي پي ايم سي ۾ هڪ ٽيم تيار ڪري رهيا آهيون جيڪا پاور ڊويزن کي پاليسي رهنمائي فراهم ڪندي، اي ڊي بي جي سهڪار ??ان صحيح ڪم ڪرڻ لاءِ صحيح ماڻهن جي مقرري ممڪن ٿي سگهندي. اويس لغاري چيو ته ڊسڪوز جي نجڪاري کان اڳ ان کي بهتر پوزيشن ۾ آڻڻ لاءِ ا??ان جي ترقياتي ڀائيوارن طرفان ان ۾ سيڙپڪاريءَ جي ضرورت ??هي. اي ڊي بي جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ايمافين چيو ته بئنڪ جي سيڙپڪاريءَ جو وڏو حصو توانائي جي شعبي جي مختلف منصوبن خاص طور تي ??رانسميشن انفراسٽرڪچر تي ??ڌل ??هي. ايمافين چيو ته توانائي جو شعبو پاڪستان جي معاشي ترقي ۽ ماڻهن جي زندگين ۾ مُک ڪردار ادا ڪري ٿو، اي ڊي بي پاڪستان ۾ نجي شعبي جي ترقي، موسمياتي تبديلي ۽ گورننس کي بهتر بنائڻ لاءِ مختلف رٿائن تي ڪم ڪري رهيو ??هي. ڪنٽري ڊائريڪٽر چيو ته اي ڊي بي پاڪستان جي توانائي جي شعبي جي پائيداري، جديديت ۽ ڪارڪردگي وڌائڻ ۾ مدد فراهم ڪندو. پاور ڊويزن طرفان جاري پڌرائيءَ موجب پاڪستان ۽ اي ڊي بي ماضيءَ وانگر مستقبل ۾ به گڏيل صلاح مشوري ??ان توانائيءَ جي شعبي جي ترقي ۽ ٻين اهم منصوبن تي سهڪار جاري رکندا.
توانائي واري وفاقي وزير سان ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر جي سربراهيءَ ۾ وفد جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : prêmios dupla sena