اسلام آباد – 14 – آڪٽوبر (اي پي پي) عوامي جمهوريه چين جي وزيراعظم لي چيانگ جي اعزاز ۾ وزيراعظم هائوس ۾ باضابطا آجياڻي واري تقريب منعقد ڪئي وئي ۽ کيس گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو.
عوامي جمهوريه چين جي وزيراعظم لي چيانگ جي اعزاز ۾ وزيراعظم هائوس ۾ باضابطا آجياڻي واري تقريب منعقد ڪئي وئي. وزيراعظم هائوس پهچڻ تي وزيراعظم محمد شه??از شريف سندس شاندار استقبال ڪيو. ان موقعي تي ٻنهي وزيراعظمن هڪ ٻئي جي لاءِ خيرسگالي جي جذبن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم محمد شه??از شريف چيني وزيراعظم کي پاڻ سان گڏ اسلامي واري چبوتري تي وٺي ويو جتي ٻنهي ملڪن جي قومي ترانن جون ڌُنون وڄايون ويون. چيني وزيراعظم گارڊ آف آنر جو معائنو ڪيو. ٽنهي هٿياربند فوج جي دستي چين جي وزيراعظم کي سلامي ڏني.
چيني وزيراعظم جو ان موقعي تي ??فا??ي ڪابينا جي ميمبرن ۽ عملي سان تعارف ڪرايو ويو جڏهن ته چين جي وفد جو پا??ست??ن جي وزيراعظم سان تعارف ڪرايو ويو.
چين جي وزيراعظم لي چيانگ وزيراعظم محمد شه??از شريف سان گڏجي وزيراعظم هائوس جي اڱڻ ۾ يادگار طور هڪ ٻوٽو پڻ هنيو.