اسلام آباد – 23 – جولائي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ترڪمانستان سان گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته ترڪمانستان کي گوادر بندرگاهه سان علائقائي واپار جي فروغ جي لاءِ فائدو کڻڻ گهرجي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر آصف علي زرداري ترڪمانست??ن جي ڪابينا جي ڊپٽي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير راشد ميريدوف سان ڳالهه ٻولهه ڪري رهيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر ترڪمانستان سان لاڳاپا مضبوط ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. صدر چيو ته پاڪستان ۽ ترڪمانست??ن جا لاڳاپا خطي ۾ امن ۽ خوشحالي جي گڏيل ويزن تي ٻڌل آهن، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطحي دورن جي مٽاسٽا ٻطرفو تعاون وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي گڏيل خواهش جو مظهر آهي. هن پاڪستان ۽ ترڪمانست??ن جي وچ ۾ رابطا وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته ٻنهي ملڪن ۾ واپ??ري?? اقتصادي، سيڙپڪاري ۽ ثقافتي لاڳاپا وڌندا. صدر چيو ته ترڪمانست??ن جا شاگرد پاڪست??ن جي طبي ادارن مان تعليم حاصل ڪري سگهن ٿ??. ت??ڪمانست??ن جي پرڏيهي وزير جو چوڻ هو ته پاڪستان ۽ ترڪمانست??ن جي وچ ۾ خوشگوار لاڳاپا آهن، ترڪمانستان پاڪستان سان اقتصادي، ثقافتي ۽ تعليمي تعاون جو فروغ جاري رکندو. پرڏيهي وزير ٻنهي ڀائر ملڪن کي ڳنڍڻ جي لاءِ موٽرويز ۽ ريلوي جي تعمير تي زور ڏنو.
ترڪمانستان کي گوادر بندرگاهه سان علائقائي واپار جي فروغ جي لاءِ فائدو کڻڻ گهرجي: صدر آصف علي زرداري
مضمون کا ماخذ : سائٹس de loteria confiáveis