شي – آن – 08 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان تاريخي ۽ ثقافتي ورثي سان مالامال آهي، پاڪستان ۾ تاريخي ۽ ثقافتي جا??ن جي بحالي کانپوءِ انهن کي سياحتي جاين ۾ تبديل ڪنداسين، چيني حڪومت جي تاريخي ورثي جي حفاظت ۽ بحال?? قابل تقليد آهي، چين پنهنجي محنت سان دنيا جي هر شعبي ۾ پاڻ کي مڃرايو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم محمد شهباز شريف ٽيراڪوٽا واريئر ميو??يم جي دوري جي موقعي تي ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چ??ن جي دوري جي موقعي تي شي – آن ۾ پاڪستاني وفد سان گڏ چ??ن جي تاريخي ورثي ٽيراڪوٽا واريئر ميو??يم جو دورو ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب گذريل ڏينهن چيني صدر شي جن پنگ وزيراعظم کي پنهنجي اباڻي شهر شي – ان ۾ ٽيراڪوٽا واريئر ميو??يم جو دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني هئي. دوري دوران وزيراعظم ۽ پاڪستاني وفد کي تاريخي ورثي جي تحفظ ۽ بحالي ۽ سياحت جي فروغ جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ميو??يم جي مختلف حصن جو دورو ڪيو ۽ قديم چيني تاريخي ورثي جي خوبصورتي ۽ چيني هنر کي ساراهيو ۽ چيو ته عظيم قومون چين وانگر پنهنجي تاريخي ورثي جي حفاظت ڪن ٿيون. هن چيو ته ٻه سئو قبل مسيح جي چيني ڪاريگرن جو هنر ساراهه جوڳو آهي، چيني حڪومت جي ان تاريخي ورثي جي حفاظت ۽ بحال?? قابل تقليد آهي، چين پنهنجي محنت سان دنيا جي هر شعبي ۾ پاڻ کي مڃرايو آهي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته چيني صدر شي جن پنگ جي ان ميو??يم جي دوري جي دعوت تي تمام گهڻو ٿورائتو آهيان. هن چيو ته پاڪستان تاريخي ۽ ثقافتي ورثي سان مالامال آهي، پاڪستان ۾ به اهڙي تاريخي جا??ن جي بحالي کانپوءِ انهن کي سياحتي جاين ۾ تبديل ڪنداسين. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ٽيراڪوٽا واريئر ميو??يم جي دوري جي موقعي تي وفاقي وزير خواجه محمد آصف، احسن اقبال، محمد اورنگزيب، عطاءُ الله تارڙ، ڊاڪٽر مصدق ملڪ، سردار اويس خان لغاري ۽ راڻا تنوير حسين پڻ ساڻس گڏ هئا.
پاڪستان تاريخي ۽ ثقافتي ورثي سان مالامال آهي، پاڪستان ۾ تاريخي ۽ ثقافتي جاين جي بحالي کانپوءِ انهن کي سياحتي جاين ۾ تبديل ڪنداسين: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : دیگر کلیدی الفاظ