ابوظهبي – 23 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي سفارتي محاذ تي وڏي ڪاميابي، گڏيل عرب امارات جي صدر پاڪستان ۾ 10 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري جي خاطري ڪرائي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زيد النهيان جي وچ ۾ ملاقات ٿي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي و??ير محمد اسحاق ڊار، واپار وارو وارو وفاقي و??ير ڄام ڪمال خان، دفاع وارو وفاقي و??ير خواجه محمد آصف ۽ خاص معاون طارق فاطمي پڻ وزيراعظم سان گڏ ملاقات ۾ شريڪ هئا. وزيراعظم گڏيل عرب امارات جي صدر سان شيخ طحنون بن محمد النهيان ۽ شيخ حزه بن سلطان النهيان جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن بشمول سياسي، اقتصادي ۽ دفاعي شعبن ۾ تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي و??ي. وزيراعظم پاڪستان جي گڏيل عرب امارات سان حصيداري خاص طور تي انفارميشن ٽيڪنا??اج??، قابل تجديد توانائي ۽ سياحت جي شعبن ۾ تعاون جي فروغ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم گڏيل عرب امارات جي پاڪستان ۾ توانائي، پورٽ آپريشن??، غذائي تحفظ، مواصلات، معدنيات، بئنڪنگ ۽ مالياتي سروسز جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي منصوبن تي عملدرآمد کي يقيني ??ڻا??ڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.
وزيراعظم جي سفارتي محاذ تي وڏي ڪاميابي، گڏيل عرب امارات جي صدر پاڪستان ۾ 10 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري جي خاطري
مضمون کا ماخذ : ڈریگن اسپن