اسلام آباد – 16 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته مون کي ??قين آهي ته هاڪيءَ جي راند ٻيهر عروج حاصل ڪندي، هاڪيءَ جي راند جي بهتري جي لاءِ ڪا ڪسر نه ڇڏينداسين، رانديگر?? کي ادارن ۾ ٻيهر شامل ڪرڻ جي پاليسي تي هڪ هفتي ۾ عملدرآمد ڪيو وڃي، پاڪستان هاڪيءَ ٽيم جا رانديگر اذلان شاهه هاڪي ٽورنامينٽ ۾ هارائي به کٽي ويا آهن، منهنجي خواهش آهي ته رانديگرن جي ڪارڪردگي اهڙي هجي جو ان ۾ ماضي جا هيروز ڏسڻ ۾ اچن. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعظم هائوس ۾ اذلان شاهه هاڪي ٽورنامينٽ جو فائينل کيڏندڙ قومي هاڪيءَ ٽيم جي اعزاز ۾ ڏنل تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال، وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان، انفارميشن ٽيڪنالاجي واري مملڪتي وزير شزه فاطمه، پاڪستان هاڪيءَ فيڊريشن جي عهديدارن ۽ رانديگرن پڻ شرڪت ڪئي. وزيراعظم چي?? ته اڄ توهان اڏو خاص مهمان بڻجي نه پر توهان پاڪستان جي نالي کي ??اڪيءَ جي ميدان ۾ بلند ڪرڻ جي لاءِ دنيا آڏو جيڪا شاندار ڪارڪردگي ڏيکاري آهي ا?? کي ساراهڻ جي لاءِ موجود آهيان. اڄ جي تقريب جا خاص مهمان قومي هاڪيءَ ٽيم جو ڪپتان، رانديگر،فيڊريشن جا عهديدار ۽ اولمپڪس گيمز ۾ حصو وٺندڙ ٻيا رانديگر آهن. وزيراعظم چي?? ته سڀني کي دل جي گهراين سان مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. پوري قوم ان ڳالهه جي گواهي ڏئي رهي آهي ته اذلان شاهه هاڪي ٽورنامينٽ جي فائنل ۾ اسان جي هاڪيءَ ٽيم هارائي نه آهي پر کٽي آهي. گذريل ڏيڍ ٻن ڏهاڪن ۾ پاڪستان ۾ هاڪيءَ جي راند ڏُڪار جو شڪار رهي. سمجهه نه پئي آئي ته ڪڏهن اهو ڏينهن ايندو جڏهن پاڪستان جي عوام توهان جي ڪارڪردگي ڏسي صلاح الدين، اختر رسول ۽ ٻين ناليوارن رانديگرن کي ??اد ڪندي. انهن عظيم رانديگرن ۽ هيروز پوري دنيا ۾ پاڪستان جهنڊو بلند ڪيو. اڄ ڪنهن به حجت کانسواءِ اها ڳالهه ڪري سگهان ٿ?? ته اسان جا اهي ماضي جا عظيم ڏينهن واپس اچي ويا آهن. وزيراعظم چي?? ته مون کي ??قين آهي ته هاڪيءَ جي راند ٻيهر عروج حاصل ڪندي. منهنجي خواهش آهي ته هاڪيءَ جي رانديگرن جي ڪارڪردگي اهڙي هجي جو ماضي جا هيروز توهان ۾ ڏسڻ ۾ اچن. هاڪيءَ ٽيم جي ٺوس ڪوشش اڄ رنگ لاتو آهي. وزيراعظم چي?? ته هارائڻ کٽڻ راند جو حصو آهي پر جهڙي طريقي سان ت??هان مقابلو ڪيو آهي اهو مستقبل ۾ فتح جي نويد آهي. شاندار ڪارڪردگي تي هاڪيءَ ٽيم جي رانديگرن، انهن جي والدين، ڪوچز ۽ منتظمين کي ??بارڪباد ۽ سلام پيش ڪريان ٿو. هاڪيءَ جي فروغ ۽ بحالي جي لاءِ وفاقي حڪومت ڀرپور تعاون ڪندي. هاڪيءَ جي راند جي بهتري جي لاءِ ڪا ڪسر نه ڇڏينداسين. ان سلسلي ۾ فيڊريشن ۽ ٻين ڌرين سان گڏجي قدم کنيا ويندا. وزيراعظم چي?? ته پي ڊي ايم جي حڪومت جي گڏيل ڪوششن سان پاڪستان ڏيوالپڻو ٿيڻ کان بچي ويو. گذريل حڪومت جي دور ۾ 16 مهينا اسان جي لاءِ انتهائي مشڪل هئا. انهن مشڪل حالتن ۾ اسان ملڪي معيشت کي بهتري طرف گامزن ڪيو. هن وقت اسان ڪرڪيٽ، هاڪيءَ ۽ ٻين راندين جي رانديگر?? کي ادارن ۾ شامل ڪرڻ جي پاليسي جو اعلان ڪيو هو. هاڻي ان کي ??قيني بڻايو ويند?? ته اسان جي ناليواري رانديگر?? کي ادارن ۾ نوڪرين جا موقعا فراهم ڪيا وڃن ت?? جيئن اهي راند جي ميدان ۾ پوري طرح پنهنجي صلاحيتن کي ??ڃرائي سگهن ۽ انهن کي ??سيلن جي کوٽ کي ??نهن نه ڏيڻو پوي. وزيراعظم بين الصوبائي رابطن واري وفاقي وزير ۽ وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين کي ??دايت ڪئي ته هڪ هفتي جي اندر ان پاليسي کي جاري ڪري ۽ عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي. ان موقعي تي پاڪستان هاڪيءَ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شهباز احمد چي?? ته هن ت??ريب ۾ اسا?? کي شرڪت ڪري تمام گهڻي خوشي ٿي آهي. وزيراعظم رانديگرن جي حوصلا افزائي ڪئي آهي. انشاءَ هي پاڪستان جي لاءِ ميڊلز کٽي ايندا. اڳوڻي اولمپيئن فلائنگ هارس سميع الله چي?? ته قومي هاڪيءَ ٽيم جي رانديگرن جي ڪري اسان کي ??ن ت??ريب ۾ شرڪت جو موقعو ملي رهيو آهي. اسان جي دعا آهي ته پاڪستان ۾ هاڪيءَ کي ??ٿي ملي. هاڪيءَ جي رانديگرن جي حوصلا افزائي اهڙي طرح ٿيڻ گهرجي ۽ رانديگر?? کي به گهرجي ته اهي پنهنجي ڪارڪردگي سان ثابت ڪن ت?? اهي پاڪستان جي لاءِ کٽي ميڊلز آڻيندا رهن. اڳوڻي اولمپيئن صلاح الدين چي?? ته هاڪيءَ ٽيم جي رانديگرن ت??ام گهڻي محنت ڪئي آهي. وزيراعظم راندين ۾ ڀرپور دلچسپي وٺي ٿو ۽ راند ۽ رانديگرن سان محبت ڪري ٿو. وزيراعظم ان شيءَ کي ??حسوس ڪي?? ته انهن رانديگرن جي حوصلا افزائي جي ضرورت آهي. هاڪيءَ اسان جي قومي راند آهي. ان موقعي تي وزيراعظم پاڪستان هاڪيءَ ٽيم جي رانديگرن، ايٿليٽ ارشد نديم ۽ پيرس اولمپڪس جي لاءِ ڪوالفائي ڪندڙ رائيفل شوٽنگ ٽيم ۾ چيڪ ورهايا.
مون کي يقين آهي ته هاڪيءَ جي راند ٻيهر عروج حاصل ڪندي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : raspadinha آن لائن مفت