اسلام آباد – 23 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٽيڪس ڪيسز ۾ ڄاڻي واڻي التوا جو نوٽيس وٺندي چيف ڪمشنر ان لينڊ ريونيو اسلام آباد ۽ ان سان لاڳاپيل سمورا آفيسر معطل ڪر?? ۽ ??نڪوائري جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ??ار?? بيان موجب وزيراعظم چيف ڪمشنر ان لينڊ روينيو اسلام آباد ۽ ان سان لاڳاپيل سمورن آفيسرن کي معطل ڪري فوري انڪوائري جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. وزيراعظم حڪومت سنڀاليندي ئي ايف بي آر سڌارن جي جلد ۽ فوري لاڳو ڪرڻ جي هدايت ڪندي ذاتي طور تي ان عمل جي نگراني جو فيصلو ڪيو هو. بيان موجب ٽيڪس ٽربيونلز ۾ اهن وقت حڪومت جي سوين ارب رپين جا ڪيسز ٻڌڻ?? هيٺ آهن، وزيراعظم چيف جسٽس آف پاڪستان کان ا??هن ڪيسز کي جلد اڪلائڻ جي درخواست ڪئي هئي، تازو ئي اسلام آباد ۾ ايف بي آر جي وڪيل پاران عدالت ۾ اهڙي ئي هڪ ڪيس جي تاريخ ۾ دير جي گذارش تي وزيراعظم نوٽيس ورتو. بيان موجب وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي فوري طور تي واقعي جي انڪوائري جي هدايت پڻ ڪئي آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته قومي خزاني جي سوين ارب رپيا قانوين تڪرارن جي ڪري ڦاٿل آهن، ان حوالي سان ڪ??هن به قسم جي لاپرواهي ۽ ڪوتاهي قبول نه ڪندس. پنهنجي عوام سان ڪيل وچن تحت ٽيڪس نظام ۾ سڌارن جي پاڻ نگراني ڪري رهيو آهيان. ملڪ ۽ قوم جو هڪ هڪ پئسو بچائ?? ۽ ??وڳاڙين ۾ اضافي جي لاءِ ڏي??هن رات محنت ڪرڻي پوندي.
وزيراعظم ٽيڪس ڪيسز ۾ ڄاڻي واڻي التوا جو نوٽيس ورتو، چيف ڪمشنر ان لينڊ ريونيو اسلام آباد ۽ ان سان لاڳاپيل سمورا آفيسر معطل ڪري انڪوائري جو حڪم
مضمون کا ماخذ : فا فا فا ۔