اسلام آباد – 10 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته پاڪستان ۾ خراب ترين حالتن ۾ به چونڊون ٿيون آهن، موجوده صورتحال 2008ع ۽ 2013ع کان تمام گهڻي بهتر آهي، چونڊون 8 فيبروري 2024ع تي ٿينديون، اليڪشن ??ميشن اچڻ معمول جو حصو آهي. اليڪشن ??ميشن آف پاڪستان ۾ صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته نگران ڪابينا جي پهرين اجلاس کانپوءِ مسلسل اليڪشن ??ميشن سان رابطي ۾ آهيون، اليڪشن ??يمشن سان روزاني جي بنياد تي رابطو ٿئي ٿو، اليڪشن ??ميشن اچڻ معمول جي رابطي جو حصو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته منهنجي چيف اليڪشن ??مشنر سان ڪا ملاقات ناهي ٿي. سيڪيورٽي صورتحال جي ح??ال?? سان سوال تي هن چيو ته پاڪستان ۾ خراب ترين حالتن ۾ به چونڊون ٿيون آهن، موجوده صورتحال 2008ع ۽ 2013ع کان تمام گهڻي بهتر آه??، سيڪيورٽي صورتحال ۾ وڌيڪ بهتري ??ڻي??داسين، چونڊون 8 فيبروري 2024ع تي ٿينديون. چونڊن جي ڪوريج جي لاءِ فارن ميڊيا جي پاڪستان اچڻ جي ح??ال?? سان سوال جي جواب ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته اها معلومات پرڏيهي وزارت ۽ اليڪشن ??ميشن آف پاڪستان فراهم ڪندا. سياسي پارٽين جي سرگرمين جي شروعات بابت سوال تي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته سياسي پارٽين جي اميدوارن جي اعلان کانپوءِ چونڊ سرگرمين جي ب??قاعده شروعات ٿيند??، سموريون پارٽيون پنهنجي چونڊ سرگرمين جي شروعات ڪري رهيون آهن، 15 جنوري کان مسلم ليگ (ن) به جلسن جو اعلان ڪيو آهي، ان کانپوءِ چونڊ سرگرمين ۾ وڌيڪ تيزي ايندي. سوشل ميڊيا پليٽ فارمز ۾ فني خرابي ب??بت سوال جي جواب ۾ نگران وفاقي وزير چيو ته نگران حڪومت کان اڳ ۾ به اهڙا فني مسئلا ايندا رهيا آهن، تازو ئي انٽرنيٽ جي خرابي جو سبب فني مسئلو هو، ان جو سياست سان ڪو تعلق نه آهي، ان ح??ال?? سان وڌيڪ تفصيل پي ٽي اي کان معلومات ڪري سگهجن ٿا. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته گهرو وزارت جو قلمدان نگران وزيراعظم وٽ آهي، رولز آف بزنس تحت جڏهن ڪو وزير ناهي هوندو ته لاڳاپيل وزارت وزيراعظم وٽ هوندي آهي.
پاڪستان ۾ خراب ترين حالتن ۾ به چونڊون ٿيون آهن، موجوده صورتحال 2008ع ۽ 2013ع کان تمام گهڻي بهتر آهي، چونڊون 8 فيبروري 2024ع تي ٿينديون: نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : سلاٹ فادر