اسلام آباد – 20 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي مس انفارميشن، ??س انفارميشن ۽ فيڪ نيوز تي ضابطو آڻڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته مس انفارميشن، ??س انفارميشن ۽ فيڪ نيوز سڄي دنيا جو مسئلو آهي، سوشل ميڊيا تي سڀ کان وڏو چئلينج جعلي خبرون آهن، صحافين کي تربيت جي فراهمي لاءِ برطانيا جي جديد ميڊيا نصاب مان مدد ورتي ويندي، برطانيا سان ميڊيا جي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جا خواهشمند آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن برطانوي هاءِ ڪميشن جي پوليٽيڪل قونصلر مس زوئي ويئر سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. ملاقا?? ۾ ??اڪ برطانيا لاڳاپ??، نفرت انگيز بيانن، مس انفارميشن، ??س انفارميشن جي خاتمي، ميڊيا جي شعبي ۾ تعاون جي فروغ ۽ يو اين ڊي پي جي سيف ڊيجيٽل انوائرنمينٽ پروگرام تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته پاڪستان برطانيا سان لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، برطانيا سان ميڊيا جي شعبي ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جا خواهشمند آهيون. هن چيو ته يو اين ڊي پي جي سيف ڊيجيٽل انوائرنمينٽ پروگرام سان ??لط معلومات ۽ نفرت انگيز بيانن کي سڃاڻڻ ۾ مدد ملندي. اهو پروجيڪٽ آن لائين اسپيس تي ??لط ۽ نفرت انگيز بيانن جي نشاندهي ڪندڙ اهم سرڪاري ادارن ۽ اهلڪارن جي علم، صلاحيت ۽ هنر کي وڌيڪ بهتر بڻائيندو. نگران وفاقي وزير چيو ته مس انفارميشن، ??س انفارميشن ۽ فيڪ نيوز سڄي دنيا جو مسئلو آهي، جنهن تي ضابطو آڻڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته سوشل ميڊيا تي سڀ کان وڏو چئلينج جعلي خبرون آهن. هن چيو ته صحافين کي تربيت جي فراهمي لاءِ برطانيا جي جديد ميڊيا نصاب مان مدد ورتي ويندي. ان ڏس ۾ انفارميشن سروس اڪيڊمي اهم ڪردار ادا ڪندي. انفارميشن سروس اڪيڊمي ۾ نفرت انگيز بيانن ۽ ??لط معلومات جي حوالي سان آگاهي سيشنز پڻ منعقد ڪيا ويندا. ملاقا?? ۾ ??لم ۽ ڊرامن جي شعبن ۾ تعاون تي به خيالن جي ڏي وٺ ٿي. مرتضيٰ سولنگي چيو ته فلم ۽ ڊراما ڪنهن به ملڪ جي ثقافت ۽ مثبت تشخص کي اجاگر ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. اطلاعات واري وزير برطانوي پوليٽيڪل قونصلر کي ملڪ ۾ چونڊن جي حوالي سان سرگرمين بابت آگاهه ڪندي چيو ته چونڊون وقت تي ٿينديون، ??ونڊن جي تاريخ جو اعلان اليڪشن ڪميشن ڪندي. برطانوي پوليٽيڪل قونصلر پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي فروغ لاءِ پنهنجي ڀرپور تعاون جو يقين ڏياريو.
مس انفارميشن، ڊس انفارميشن ۽ فيڪ نيوز سڄي دنيا جو مسئلو آهي، سوشل ميڊيا تي سڀ کان وڏو چئلينج جعلي خبرون آهن: مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : como apostar na loteria