اسلام آباد – 12 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جو تڪرار ڏکڻ ايشيا ۾ ڇڪتاڻ جو مُنڍ آهي، پاڪستان گڏيل قومن جي قراردادن موجب ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لا??ِ پرعزم آهي، سڄي دنيا ۾ خاص طور تي هندوتوا جي ش??ل ۾ اسلامو فوبيا عالمي امن ۽ سلامتي جي لا??ِ هڪ سنگين خطرو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان او آ??ِ سي جي سيڪريٽري جنرل جي ڄمون ۽ ڪشمير بابت خصوصي ايلچي يوسف ايم الدوبي ملاقات ڪئي. نگران وزيراعظم او آ??ِ سي جي وفد جي پاڪستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي دوري جي آجيان ڪئي. هن ڪشمير ڪاز جي حمايت ۾ او آ??ِ سي جي مسلسل ڪوششن کي خاص طور تي 5 آگسٽ 2019ع جي ڀارت جي هڪطرفي ۽ غيرقانوني قدمن جي ڏس ۾ ساراهيندي چيو ته پاڪستان ۽ ڪشمير جي عوام کي او آ??ِ سي مان تمام گهڻيون اميدون آهن. نگران وزيراعظم چيو ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جو تڪرار ڏکڻ ايشيا ۾ ڇڪتاڻ جي پاڙ آهي، ان جي حل سان ئي خطي ۾ امن قائم رهي سگهي ٿو. هن چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لا??ِ پرعزم آهي. پنهنجي خودمختياري جي حق حاصل ڪرڻ جي لا??ِ ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي زبردست قربانين کي اجاگر ڪندي نگران وزيراعظم چيو ته ڪشميرين حمايت جي لا??ِ سدائين او آ??ِ سي ۽ مسلمان ام?? طرف ڏٺو آهي. نگران وزيراعظم سڄي دنيا ۾ خاص طور تي هندوتوا جي ش??ل ۾ اسلامو فوبيا جي عروج تي پڻ شديد ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته اهو عالمي امن ۽ سلامتي جي لا??ِ هڪ سنگين خطرو آهي، انهن قوتن جو مقابلو ڪرڻ جي لا??ِ ڪوششون تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي. يوسف ايم الدوبي نگران وزيراعظم کي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار تي او آ??ِ سي جي اصولي موقف جي خاطري ڪرائيندي چيو ته او آ??ِ سي ڪشمير ڪاز جي لا??ِ پوري طرح پرعزم آهي ۽ او آ??ِ سي جي خصوصي ايلچي جي حيثيت سان والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي لا??ِ سندس پاڪستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جو دورو انهي عزم جو اظهار ڪيو.
والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جو تڪرار ڏکڻ ايشيا ۾ ڇڪتاڻ جو مُنڍ آهي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ نمبر