اسلام آباد – 02 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي قومي بچت کي فراڊ سان متاثر ٿيل عورت کي 12 لک رپيا منافعي سان گڏ واپس ڪرڻ جي هدايت ڪندي وفاقي م??تسب جي فيصلي جي خلاف مرڪزي قومي بچت ڊائريڪٽوريٽ جي اپيل رد ڪري ڇڏي. ايوان صدر جي پريس ونگ پ??ران جاري بيان موجب راول??نڊ?? جي عورت شهري جي اڪائونٽ مان جعلي چيڪ بُڪ ذريعي 12 لک رپيا ڪڍرايا وي?? هئا. صدر پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته مرڪزي قومي بچت ڊائريڪٽوريٽ معاملي جي مناسب جاچ جي لاءِ ڪيس ايف آءِ اي ڏانهن موڪلي ۽ انڪوائري کانپوءِ فراڊ جي م??املي ۾ ملوث اهلڪارن کي سزا ڏني وڃي. تفصيل موجب عابده رفعت (شڪايت ڪندڙ) وفاقي م??تسب کي شڪايت ڪئي ته سندس قومي بچت راول??نڊ?? ۾ پينشنز بينيفيٽ اڪائونٽ هو، عورت کي 2021ع ۾ خبر پئي ته 2019ع ۾ سندس اڪائونٽ مان 12 لک رپيا فراڊ ذريعي ڪڍيا وي??. رقم هڪ چيڪ بُڪ ذريعي ڪڍي وئي، جيڪو عورت کي ڪڏهن جاري نه ڪيو ويو هو. عورت فراڊ جي ڇنڊڇاڻ ۽ رقم جي وصولي جي لاءِ قومي بچت کي شڪايت داخل ڪرائي، معاملي جي صحيح ڇنڊڇاڻ نه ڪئي وئي ۽ عورت کي چيو ويو ته اها ڪو ثبوت پيش نه ڪري سگهي. عورت وفاقي م??تسب سان رابطو ڪيو جنهن قومي بچت کي م??املو ايف آءِ اي کي موڪلڻ جو چيو. قومي بچت معاملو ايف آءِ اي ڏانهن موڪلڻ بدران صدر کي اپيل داخل ڪري ڇڏي. صدر وفاقي م??تسب جي فيصلي جي خلاف مرڪزي قومي بچت ڊائريڪٽوريٽ جي اپيل رد ڪري ڇڏي. صدر وفاقي م??تسب جو فيصلو برقرار رکندي عورت کي رقم واپس ڪرڻ جو حڪم پڻ ڏئي ڇڏيو آهي. صدر چيو ته قومي بچت پنهنجي ئي خط ۾ اعتراف ڪيو ته جعلي ٽرانزيڪشن جي ذريعي اڪائونٽ مان 12 لک ڪڍرايا وي??، قومي بچت جي اندروني انڪوائري دوران آفيسر بيان ڏنو ته رقم کي گن مين ۽ ڪيشيئر جي ذريعي دوکيبازي سان ڪڍيو ويو. صدر چيو ته قومي بچت ڄاڻايل اهلڪارن کي انڪوائري ۾ شامل ئي نه ڪيو، ثابت ٿئي ٿو ته قومي بچت جي انڪوائري جو عمل شفاف نه هو. صدر چيو ته قومي بچت جو معاملو ايف آءِ اي کي ڏيڻ جي م??الفت ڪرڻ بنا جواز آهي، وفاقي م??تسب صحيح نشاندهي ڪئي ته معاملي جي صحيح طريقي سان جاچ نه ڪئي وئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي م??تسب جو فيصلو برقرار رکندي چيو ته قومي بچت 30 ڏينهن ۾ محتسب کي تعميل جي رپورٽ پيش ڪري.
صدر پاران قومي بچت کي متاثر عورت کي 12 لک رپيا منافعي سان گڏ واپس ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : سمندری ڈاکو گولڈ