ڪراچي – 23 – آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ??اڪڙ سان پاڪستان پيپلزپارٽي جي وفد ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ وفد نگران وزيراعظم کي سنڌ خاص طور تي ڪراچي جي پراڻي مسئلن بابت آگاهه ڪيو. وزيراعظم وفد کي يقين ڏياريو ته ??مو??ن مسئلن کي جلد کان جدل حل ڪرڻ جي لاءِ ??مو??ا وسيلا استعمال ۾ آندا ويندا. وفد انوارالحق ??اڪڙ کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ اطلاعات ۽ نشريات وارو نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي پڻ موجود هو. وفد ۾ ڪراچي جو ميئر مرتضيٰ وهاب، قائم علي شاهه، سيد مراد علي شاهه ۽ سعيد غني شامل هئا.
مضمون کا ماخذ : سشی ایکسپریس