اسلام آباد – 24 – مارچ (اي پ?? پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وزيراعظم محمد شهباز شريف جي نالي خط لکندي چيو آهي ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي لا??اپيل عملدارن کي پ??جاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ مقرر وقت ۾ عام چونڊن جي لاءِ اليڪشن ڪميشن جي معاونت جي هدايت ڪري، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي سمورن لا??اپيل انتظامي عملدارن کي انساني حقن جي پائمالي کان پاسو ڪرڻ جي هدايت ڪئي وڃي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي پ??هنجي خط ۾ چيو ته ويجهي ماضي ۾ پرنٽ، اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا بنيادي ۽ انساني حقن جي واضح خلاف ورزين جي واقعن کي اجاگر ڪيو، اهڙن واقعن جي تدارڪ ۽ اصلاح جي لاء?? انهن کي وزيراعظم جي نوٽيس ۾ آڻڻ جي ضرورت هئي. آرٽيڪل 105 يا 112 تحت صوبائي اسيمبلين جي تحليل تي آرٽيڪل 224 (2) تحت 90 ڏينهن جي اندر چونڊون ڪرائڻ ضروري آهي. صدر پنهنجي خط ۾ چيو ته سپريم ڪورٽ اليڪشن ڪميشن آف پا??ستان کي صدر کي 90 ڏينهن جي اندر چونڊن ڪرائڻ جي لاءِ تاريخ (تاريخون) تجويز ڪرڻ جو حڪم ڏنو، خيبرپختونخواهه جي گورنر کي به صوبائي اسيمبلي جي لاءِ ٽائيم فريم موجب عام چونڊون منعقد ڪرڻ جي لاءِ تاريخ مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو هو، لڳي ٿو ته پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ وفاقي ۽ نگران حڪومتن لا??اپيل ادارن جي سربراهن کي عام چونڊون منعقد ڪرڻ جي لاءِ ضروري تعاون فراهم ڪرڻ کان معذوري ظاهر ڪرڻ جو چيو، آئين تحت وفاقي ۽ صوبائي ايگزيڪيوٽو اٿارٽيز جو فرض آهي ته اهي ڪمشنر ۽ اليڪشن ڪميشن کي انهن جا فرض سرانجام ڏيڻ ۾ مدد ڪن. صدر پنهنجي خط ۾ چيو ته اليڪشن ڪميشن 30 اپريل تي پ??جاب ۾ عام چونڊون منعقد ڪرڻ جي پ??هنجي اعلان تي عمل نه ڪيو?? سپريم ڪورٽ جي حڪم جي کليل خلاف ورزي ڪئي، اي سي پ?? پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي صوبائي اسيمبلين جي عام چونڊن جي انعقاد جي لاءِ 8 آڪٽوبر تاريخ جو اعلان ڪيو. صدر خط ۾ وزيراعظم جو ڌيان انساني حقن جي خلاف ورزين طرف پڻ ڇڪرايو. خط ۾ پوليس/ قانون لا??و ڪندڙ ادارن جي ظلمن، شهرين جي خلاف طاقت جي غيرمناسب استعمال جي سنگيني جو پڻ ذڪر ڪندي ٻڌايو ويو ته سياستدانن، ڪارڪنن، صحافين ۽ ميڊيا جي خلاف ڪيترائي ڪيس داخل ڪيا ويا، سياسي ڪارڪنن جي گهرن تي ڇاپا هنيا ويا، شهرين کي بنا وارنٽ ۽ قانوني جواز جي اغوا ڪيو ويو. صدر خط ۾ بنيادي حقن بابت آئين جي مختلف آرٽيڪلز جو پڻ حوالو ڏيندي چيو ته آئين جي آرٽيڪلز جي واضح طور تي خلاف ورزي ڪئي پئي وڃي، اهڙن واقعن سان عالمي برادري ۾ پا??ستان جو اميج خراب ٿيو، پا??ستان ۾ جمهوريت ۽ انساني حقن جي صورتحال ۽ مستقبل تي منفي اثر پئجي رهيا آهن. صدر ڊاڪٽر عارف علوي پ??هنجي خط ۾ ذڪر ڪيو ته 2021ع جي ورلڊ پريس فريڊم انڊيڪس ۾ پا??ستان 180 ملڪن مان 145 هين نمبر تي هو، 2022ع ۾ پا??ستان 12 درجا هيٺ 157 هين نمبر تي اچي ويو، هن سال جي قدمن سان ان انڊيڪس ۾ پا??ستان جي درجابندي وڌيڪ هيٺ ايندي، پا??ستان ۾ تازن مهينن ۾ ميڊيا کي وڌيڪ دٻايو ويو، حڪومت جي خلاف اختلاف، تنقيد دٻائڻ جي لاءِ صحافين کي بغاوت ۽ دهشتگردي جي الزامن جو نشانو بڻايو ويو. خط ۾ صدر چيو آهي ته وزيراعظم حڪومت جي سربراهه هجڻ جي ناطي آئين ۾ ڏنل پا??ستان جي هر شهري جي انساني ۽ بنيادي حقن جي تحفظ جو ذميوار آهي، وزيراعظم لا??اپيل عملدارن کي حقن جي خلاف ورزي کان پري رهن، اليڪشن ڪميشن کي معاونت فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪري.
صدر پاران وزيراعظم جي نالي خط، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي لاڳاپيل عملدارن کي پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ مقرر وقت ۾ عام چونڊن جي لاءِ اليڪشن ڪميشن جي معاونت ڪريو: ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ پاکستان