اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب رمضان المبارڪ جي آمد تي سموري عالم اسلام ۽ اهل وطن کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ??ه الله تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم سا?? اسان کي هن مبارڪ مهيني جي برڪتن مان فائدو کڻڻ جو موقعو مليو آهي، منهنجي دعا آهي ??ه اسان سڀني جي زندگي ۾ اهڙي طرح جا مبارڪ موقعا بار بار ايندا رهن. پنهنجي بيان ۾ وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته رمضان جو مهينو ذاتي اح??سا?? جو مهينو آهي. هي پنهنجي ذات جي حوالي سا?? نظرثاني ۽ اصلاح جو مهينو آهي. هي مهينو پنهنجي خواهشن ۽ پنهنجي نفس تي ضابطو آڻڻ جي تربيت آهي ان جي ذريعي مومنن ۾ اها صلاحيت پيدا ٿي وڃي ??ه اهي صبر ۽ نظم ۽ ضبط سا?? زندگي گذاري سگهن. هن چيو ته منهنجي دعا آهي ??ه الله تعاليٰ اسان کي اسلام جي تعليم جي روشني ۾ پابندي سا?? روزا رکڻ جي توفيق عطا فرمائي. هن چيو ته منهنجي دعا آهي ته هن مبارڪ مهيني جي برڪت سا?? الله تعاليٰ ملڪ کي درپيش مسئلن جي حل ۾ اسان جي مدد فرمائي. الله تعاليٰ اسان سڀني جو حامي ۽ ناصر هجي.
مريم اورنگزيب پاران عالم اسلام ۽ اهل وطن کي رمضان المبارڪ جُون مبارڪُون
مضمون کا ماخذ : منی ٹرین 2