اسلام آباد – 15 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وفاقي وزير مريم اورنگزيب پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ حفاظتي ضمانت جي لاءِ داخل درخواست کي کيسا ڀريندڙ گروهه جي جيل ڀريو تحريڪ جي پهرين قسط قرار ڏئي ڇڏيو. اطلاعات وا??ي وفاقي وزير پنهنجي ٽوئيٽ ۾ عمران خان جي اسلام آباد جي عدالتن ۾ حاضري کان ڇوٽ جون درخواستون رد ٿي?? کانپوءِ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ حفاظتي ضمانت جي درخواست داخل ڪرڻ تي اهو تبصرو ڪيو. وا??ح رهي ته اڳوڻي وزيراعظم عمران ??ان لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ حفاظتي ضمانت جي درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي جنهن ۾ عمران ??ان چيو ته اڳوڻو وزيراعظم ۽ ملڪ جي هڪ وڏي سياسي پارٽي جو سربراهه آهيان، زخمي هجڻ جي ڪري عدالت ۾ پيش نه ٿي سگهيس.
مضمون کا ماخذ : فائر جوکر