شرم الشيخ – 08 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف 7 ۽ 8 نومبر 2022ع تي مصر جي شهر شرم الشيخ ۾ ڪوپ – 27 ڪلائميٽ ايمپلي مينٽيشن سمٽ ۾ شرڪت ڪئي. پنهنجي ٻن ڏينهن جي دوري دوران وزيراعظم ڪيترين ئي اعليٰ سطح جي تقريبن ۾ شرڪت ڪئي. مختلف ليڊرن سان ٻطرفيون ملاقاتون ڪيون جڏهن ته پنهنجي هم منصبن سان ۽ عالمي ميڊيا سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. وزيراعظم سان گڏ وفد ۾ پرڏيهي و??ير بلاول ڀٽو زرداري، پرڏيهي معاملن واري مملڪتي و??ير حنا رباني کر، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي و??ير مريم اورنگزيب، موسمياتي تبديلي و??ري و??ير شيري رحمان، وزيراعظم جا خاص معاونين سيد فهد حسين ۽ سيد طارق فاطمي پڻ شامل هئا. ماحولياتي تبديلين بابت سربراهه اجلاس ۾ وزيراعظم ناروي جي و??يراعظم سان گڏ اعليٰ سطح جي گول ميز ڪانفرنس جي گڏيل صدارت ڪئي. وزيراعظم سعودي عرب جي ولي عهد ۽ پنهنجي ميزباني ۾ منعقد مڊل ايسٽ گرين انيشي ايٽو ۾ پڻ شرڪت ڪئي. هو ماحوليات بابت ”نقصانن ۽ زيان تي قدم ۽ تعاون کي وڌائڻ ۽ ماحولياتي خطرن جي حوال?? سان عالمي ڍال“ جي موضوع تي هڪ اعليٰ سطح جي بريڪ فاسٽ تقريب ۾ پڻ شريڪ ٿيو جنهن جي جرمني جي چانسلر ۽ گهانا جي صدر گڏيل ميزباني ڪئي. وزيراعظم سمٽ ۾ قومي بيان پڻ ڏنو. وزيراعظم پنهنجي ڳالهه ٻولهه ۾ پاڪستان جيڪو ماحولياتي تبديلي جي منفي اثرن کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو آهي ۽ خاص طور تي تازي موسمياتي ٻوڏ تي ڌيان ڇڪرائيندي قومي موقف مضبوط?? سان پيش ڪيو ۽ عالمي اڳواڻن کي ماحوليات جي حوال?? سان پاڪستان جي پائيدار انداز ۾ نئين سر تعمير جي ڪوششن ۾ تعاون جي دعوت ڏني. ماحولياتي ڪنوينشن جي جوڙيل اصولن جي رهنمائي ۾ فوري طور تي ماحولياتي قدمن جي لاءِ عالمي تعاون تي زور ڏ??ندي و??يراعظم چيو ته ماحولياتي ڪانفرنس جا ٺوس نتيجا نڪرڻ گهرجن ۽ موسمياتي تبديلي جي منفي اثرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ جرئتمنداڻا فيصلا ڪيا وڃن. ڪانفرنس جي حوال?? سان پاڪستان جي ترجيحن تي روشني و??هندي و??يراعظم اسرندڙ ملڪن ۾ موافقت رکندڙ ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ تيز رفتار ۽ متوقع مالي و??يلن جي فوري ضرورت تي زور ڏ??و. هن موسميات سان پيدا ٿيندڙ نقصانن ۽ ان کي منهن ڏيڻ جي لاءِ فنانسنگ جي سهولت تي زور ڏ??و ۽ ڪوپ ايجنڊا تحت نقصانن ۽ زيان جي روڪٿام جي لاءِ فنڊنگ جي انتظامن تي باضابطا طور تي معاهدي جي آجيان ڪئي جيڪو هڪ اهم مقصد آهي جنهن تي پاڪستان گروپ 77 جي چيئرمين طور عمل ڪري رهيو آهي. ان موقعي تي و??يراعظم عالمي اڳواڻن سان رسمي ۽ غيررسمي ڳالهه ٻولهه ڪئي جن ۾ سعودي عرب ولي عهد ۽ وزيراعظم، جرمن چانسلر، مصري صدر ۽ ناروي جا وزيراعظم شامل هئا. انهن ملاقاتن دوران ٻطرفي ۽ گهڻ رخي شعبن ۾ تعاون جي لاءِ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي و??ي. وزيراعظم ان موقعي تي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل سان پڻ ملاقات ڪئي ۽ ڪوپ – 27 ۾ پاڪستان جي ماحولياتي تبديلي جي حوال?? سان کنيل قدمن کان آگاهي جي لاءِ پاڪستان پويلين ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي. ڪوپ – 27 جي باقاعده سرگرمي 18 نومبر 2022ع تائين جاري رهندي. گروپ 77 جي صدارت ڪندڙ جي حيثيت سان پاڪستان موسمياتي تبديلي بشمول ماحولياتي فنانس، موافقت، خاتمي ۽ صلاحيت جي حوال?? سان ڳالهه ٻولهه ۾ اسرندڙ ملڪن جي قيادت ڪري رهيو آهي.
وزيراعظم شهباز شريف جو مصر جو دورو: شرم الشيخ ۾ ڪوپ – 27 ڪلائميٽ ايمپلي مينٽيشن سمٽ ۽ اعليٰ سطح جي تقريبن ۾ شرڪت، مختلف عالمي اڳواڻن سان ٻطرفيون ملاقاتون
مضمون کا ماخذ : loterias da caixa