اسلام آباد / واشنگٽن – 29 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽ?? زرداري واشنگٽن ۾ آمريڪي سينيٽ جي پرڏيهي لاڳاپن واري ڪميٽي جي رينڪنگ ميمبر سينيٽر جيمز رش سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزير آمريڪي سينيٽ ميمبر سان ٿيندڙ ملاقات دوران پاڪس??ان ۾ ٻوڏ جي تباهين جي اثرن جو ذڪر ڪندي چيو ته ٻوڏ جي نتيجي ۾ ملڪ جي ٽئين حصي کان وڌيڪ حصو پاڻي ۾ ٻڏل آهي، ٻوڏ سان 33 ملين ماڻهو متاثر ٿيا جيڪي آسٽريليا جي آبادي کان وڌيڪ آهن. هن 66.1 ملين ڊالر جي آمريڪي امداد کي ساراهيندي چيو ته پاڪس??ان کي وڌيڪ تمام گهڻي ضرورت آهي ڇو ته شروعاتي ڪاٿو 30 ارب ڊالر کان وڌيڪ جي نقصانن جي نشاندهي ڪري ٿو. پرڏيهي وزير متاثر آبادي کي درپيش چئلينجن جو پڻ ذڪر ڪيو جن ۾ صحت جي صورتحال، مليريا، ڊينگي ۽ پاڻي سان پيدا ٿيندڙ وبائي بيماريون شامل آهن. پرڏيهي وزير ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪس??ان گرين هائوس جي اخراج جي لاءِ گهٽ کان گهٽ ذميوار هجڻ جي باوجود موسمياتي تبديلين جو شڪار آهي. پرڏيهي وزير چيو ته آمريڪي ڪانگريس تاريخي طور تي قدرتي آفتن ۾ پاڪس??ان سان گڏ بيٺل رهي آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته آمريڪا پاڪس??ان سان تعاون جاري رکندو. آمريڪي سينيٽر پاڪس??ان ۾ ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي تي پرڏيهي وزير سان همدردي جو اظهار ڪيو، ٻنهي طرفن پاران پرامن، مستحڪم افغانس??ان جي ضرورت سميت علائقائي مسئلن تي پڻ خيالن جي ڏ?? وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير سينيٽر جيمز رش کي ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي جو جائزو و??ڻ لاءِ پاڪس??ان جو دورو ڪرڻ جي پڻ دعوت ڏني.
پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان آمريڪي سينيٽ جي پرڏيهي لاڳاپن واري ڪميٽي جي رينڪنگ ميمبر سينيٽر جيمز رش جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی گائیڈ