نيويارڪ – 20 – سي??ٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف گڏيل قو??ن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ نيويارڪ پهچي ويو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نيويارڪ جي جان ايف ڪينيڊي انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي ??نير اڪرم، واشنگٽن ۾ پاڪستان جي سفير مسعود خان، نيويارڪ ۾ پاڪستاني قونصل جنرل عائشه علي ۽ ٻين اعليٰ عملدارن وزيراعظم جي آجيان ڪئي. هو ملڪه برطانيا ايلزبيٿ ٻه جي آخري رسمن شرڪت کانپوءِ برطانيا کان نيويارڪ پهتو. نيويارڪ مان اي پي پي جي نمائندي ??وجب وزيراعظم شهباز شريف گڏيل قو??ن جي جنرل سيڪريٽري انتونيو گوتريس پاران ڏنل آجياڻي ۾ شرڪت ڪندو. هو فرانس ۽ اسپين جي صدرن ۽ آسٽريليا جي چانسلرن سا?? ملاقاتون ڪندو. وزيراعظم شهباز شريف جي يورپي يونين ڪائونسل جي صدر چارلس مائيڪل سا?? ملاقات ۽ عالمي فضائي تحفظ جي حوالي سان سي??يگال جي صدر ۽ آفريقي يونين جي ميزباني ۾ ٿيندڙ سربراهي اجلاس ۾ شرڪت به ايجنڊا ۾ شامل آهي. وزيراعظم شهباز شريف اربع ڏينهن آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽا لينا جارجيوا ۽ عالمي بئنڪ جي صدر ڊيوڊ ملپاس سا?? ملاقات ڪندو. وزيراعظم ترڪ صدر رجب طيب اردوان ۽ ايران جي صدر ابراهيم رئيسي سان پڻ ملاقات ڪندو. هو گڏيل قو??ن جي جنرل اسيمبلي جي صدر سابا ڪوروسي سان به ملاقات ڪندو ۽ آمريڪي صدر جو بائيڊن پاران ڏنل آجياڻي ۾ به شرڪت ڪندو. وزيراعظم فن لينڊ جي صدر رسائو لي ني نيستو سا?? ملاقات ڪندو ۽ ترڪ صدر ۽ ان جي گهرواريءَ جي مان ۾ آجياڻو ڏيندو. مائيڪرو سافٽ جي باني بل گيٽس، گڏيل قو??ن جي سربراهه، چين جي صدر ۽ جاپان جي وزيراعظم سا?? ملاقاتون به وزيراعظم جي ايجنڊا ۾ شامل آهن. وزيراعظم شهباز شريف لڪسمبرگ جي وزيراعظم زاويئر بيٽل ۽ ملائيشيا جي وزيراعظم اسماعيل صابري يعقوب سان به ملاقات ڪندو. وزيراعظم عالمي ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه به ڪندو. وزيراعظم شهباز شريف 23 سي??ٽمبر تي گڏيل قو??ن جي جنرل اسيمبلي کي خطاب ڪندو.
وزيراعظم گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ نيويارڪ پهچي ويو
مضمون کا ماخذ : ڈاگ ہاؤس