اسلام آباد – 07 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽ?? عارف علوي چين جي ڏکڻ اولهندي صوبي سيچوان ۾ زلزلي ۾ قيم??ي جاني ۽ مالي نقصان تي چيني قيادت سان افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ پاڪستاني حڪومت ۽ عوام چين جي حڪومت ۽ عوام سان گڏ بيٺل آهي. چين تازي ٻوڏ سميت هر مشڪل وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي. ايوان صدر پاران جاري بيان موجب پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ صدر ڊاڪٽ?? عارف علوي چيو ته چين جي صوبي سيچوان ۾ تباهي آڻيندڙ زلزلي جو ٻڌي تمام گهڻو ڏک ۽ افسوس ٿيو، زلزلي جي نتيجي ۾ قيم??ي جانيون ضايع ٿيون ۽ ملڪ??تو?? تباهه ٿيون، پاڪستاني عوام ۽ پنهنجي پاران چ??ني قيادت سان دلي تعزيت ۽ سيچوان جي عوام سان دلي همدردي جو اظهار ڪريان ٿو. هن پنهنجي پيارن کي وڃائيندڙ سمورن چ??ني خاندانن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. صدر سمورن زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. هن اميد ظاهر ڪئي ته گم ٿيل ماڻهو جلد کان جلد پنهنجي گهرڀاتين سان گڏجي ويندا. صدر اها به اميد ظاهر ڪئي ته زلزلي سٽيل علائقن جا ماڻهو جلد پنهنجا گهر ٻيهر تعمير ڪري معمول جي زندگي شروع ڪري ڇڏيندا. ڊاڪٽ?? عارف علوي چيو ته کيس پورو يقين آهي ته چيني قيادت ۽ عوام پنهنجي ثابت ٿيل صلاحيتن ۽ استقلال سان ان قدرتي آفت سان پيدا ٿيندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻ جي پوري صلاحيت رکن ٿا. هن چ??و ته مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ پاڪستاني عوام ۽ پاڪستان حڪومت چيني عوام ۽ چين جي حڪومت سان گڏ بيٺل آهي، چيني عوام به پاڪستاني ٻوڏ جي متاثرين سان گڏ بيٺي، ماضي ۾ به چيني عوام ۽ حڪومت قدرتي ۽ ٻين آفتن دوران اسان سان گڏ بيٺل رهيا.
صدر پاران زلزلي سان ٿيندڙ نقصان تي چيني قيادت سان افسوس جو اظهار
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ لائیو